ھڪ رياست جي عام تشريح ھي آھي تھ ان کي ھلائڻ جي لاءِ ٽي بنيادي ادارا ھوندا آھن،جن کي عمرانيات جي مضمون ۾ مقننھ ، عدليھ ۽ انتظاميھ طور واضح ڪيو ويو آھي. انھن ٽنھي ادارن جي تشريح ۾ چيو ويو آھي تھ ھڪ ادارو قانون جوڙيندو،ٻيو ان تي نظر رکندو،ان جي تشريح ڪندو. جوڙيل قانون جي ڀڃڪڙي کي روڪڻ جي لاءِ حڪم جاري ڪندو، جنھن تي انتظاميھ عمل ڪرائيندي. انتظاميھ جو ڪم ملڪ جا سمورا معاملا ھلائڻ ھوندا.انھن ادارن جو روپ ھتي پارليامنٽ، عدليھ جو نظام ۽ حڪومتي سرشتو آھن.انھن سڀني تي چوڪسي ڪندڙ ادارو صحافت جو آھي،جنھن ڪري اھو چيو ويندو آھي تھ صحافت رياست جو چوٿون ٿنڀ آھي.
ھن سموري قصي ۾ ھڪ ٻي دلچسپ ڳالھھ هيءَ آھي تھ انھن ادارن کان بھ اڳ ھڪ رياست جي لاءِ ھڪ خودمختيار خطو، ان ۾ آبادي ۽ ان سال لاڳاپيل سھولتون بھ ضروري آھن،ڇاڪاڻ جو ھڪ رياستي اسٽرڪچر ،مٿي ذڪر ڪيل شين بنا ڪنھن بھ ڪم جو ناھي ھوندو.
اھو رياست جو ھڪ عام خاڪو آھي.1947 ۾ قائم ٿيندڙ پاڪستان ھن خطي جو ھڪ اھم ملڪ آھي ۽ آبادي جي لحاظ سان دنيا جي وڏن ملڪن ۾ شامل آھي.ملڪ جي قيام سان گڏ ئي ڪيترائي مسئلا گڏوگڏ ھلندا رھيا آھن،جنھن ۾ مٿي ذڪر ڪيل سمورين عنصرن کانسواءِ ھڪ ٻي قوت جنھن کي پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ چيو وڃي ٿو ان جو بھ وڏو اثر رھيو آھي.
ملڪ ۾ آئين اڳي بھ ھئا پر في الحال ملڪ ۾ جيڪو آئين عمل ۾ آھي اھو 1973ع وارو آھي،جيڪو پھريون اھڙو آئين آھي،جنھن کي متفقھ تصور ڪيو وڃي ٿو، اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ ھڪ پاسي ان ۾ گھڻين ترميمن ۽ تبديلين جي ضرورت آھي تھ وري ٻئي پاسي جيڪو ڪجھھ ان ۾ لکيل آھي ان تي مڪمل طور عمل ڪرائڻ جي ضرورت آھي.
پاڪستان ۾ ھن وقت انتظاميھ ۽ عدليھ وچ ۾ جنگ تيز ٿي وئي آھي،جنھن جو بنياد ويجھڙائي ۾ عدليھ ئي رکيو آھي،ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عدالتن جي ڪيل فيصلن تي نھ رڳو تبصرا ٿي رھيا آھن،پر انھن تي تنقيد پڻ ٿي رھي آھي. ھي ڪو پھريون ڀيرو نھ آھي جو عدليھ شديد تنقيد جي ورچڙھي وئي آھي، عدليھ توڙي ٻين ٿنڀن جي اھا ويڙھ ھر دور ۾ جاري رھي آھي،پر ھن ڀيري ان ڪري اھا ڇڪتاڻ خطرناڪ موڙ تي اچي پھتي آھي جو ملڪ سياسي،معاشي ۽ آئيني بحران جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي ويو آھي.
اھو ممڪن آھي تھ انصاف جي ڪرسي تي موجود ڪنھن فرد جو سياسي جھڪاءَ ڪنھن سياسي نظرئي ڏانھن ٿي سگھي ٿو پر ھڪ عدالت جي انصاف واري ڪرسي تي ھئڻ جي ڪري ان کي بنا ڪنھن رعايت جي آئين ۾ لکيل قانوني دائري جي اندر رھي فيصلو ڪرڻو آھي،
ڪجھھ عرصي کان ڪي ڳالھيون سموري سماج ۾ بحث ۾ آيو آھن،جن ۾ اھو بھ چيو وڃي ٿو تھ ڪي مخصوص ڌريون يا فرد ئي ھڪ خاص سياسي ڌڙي کي رعايت ڏيندي انصاف جون گھرجون پوريون نھ پيا ڪن.اھڙي قسم جي عدليھ جي رويي تي ھاڻي تي سوين سوال اڀري رھيا آھن.سڌ سما جي ذريعن ۾ آيل خبرن سان نھ رڳو عدليھ پر ملڪ جي ساک ۽ انصاف جي معيار کي ڇيھو پھچي رھيو آھي.
في الحال تھ 1973 جو آئين پاڪستان جي سالميت ۽ بقا جو ضامن آهي ۽ هڪ اهڙو دستاويز آھي، جنهن جي بنياد تي چار يونٽ متحد آھن. ملڪ ۾ مٿئين طبقي پاران آئين جي ڀڃڪڙي جا سنگين نتيجا سموري قوم کي ڀوڳڻا پيا آھن. اڄ هرذي شعور ماڻهو موجوده صورتحال سبب خوف واري ڪيفيت ۾ مبتلا آھي.
ھڪ پاسي ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ وڌي وئي آھي، مھانگائي سبب رواجي حياتي گذارڻ بھ ڏکي ٿي پئي آھي.ملڪ جي وڏي آبادي غربت سبب پيٽ گذر ڪرڻ جي لاءِ پريشان آھي. اھڙي سياسي ۽ آئيني روايتن کي ڊاهي پٽ ڪيو پيو وڃي، حڪمران توڙي اپوزيشن وارن تي ڪا ڪسر نھ ڇڏي آھي.ٿوري گھڻي اميد عدليھ ۾ ھئي جيڪا بھ تاريخ ۾ ھن وقت شديد تڪرار جي ور چڙھي وئي آھي.
ٻين حقيقتن سان گڏ اھا بھ ھڪ وڏي حقيقت آھي تھ ملڪ جي عدالتن ۾ ھزارين ڪيس بنا ھلڻ جي پيا آھن،اھا ئي عدليھ انھن طرف ڌيان نٿي ڏئي، پاڻمرادو نوٽيس بھ اھڙين معاملن تي ورتا ٿا وڃن،جيڪي عوامي مفادن وارا نھ ھئڻ برابر آھن.جنھن ڪري سموري ملڪ ۾ ھن وقت غريب جو ڪيس ڪنھن بھ اداري جي مٿي نٿو اچي،حڪومت سان گڏ اپوزيشن توڻي عدليھ ھڪ عام ماڻھو جي روزمرھ جي زندگيءَ کي پنھنجي ايجنڊا جو حصو ڇو نٿا بڻائين ؟ اھڙي روئي مان اھو ثابت ٿئي ٿو تھ اھي سڀ ادارا ۽ اھي سڀ ڌريون اشرافيا جي چوگرد گھمن ٿيون يا انھن کي سھولتون ڏيڻ چاھين ٿيون.
ھن وقت جنھن طريقي سان رياست جا ادارا ملڪ کي ھلائي رھيا آھن ان سان حالتن ۾ وڌيڪ خرابي پيدا ٿيڻ جو امڪان وڌي رھيو آھي.بھتر تھ اھو ٿيندو جو سمورا ادارا ملڪ جي آئين موجب عمل ڪن ۽ معاملا سڌا ڪرڻ ۾ ھر ادارو پنھنجو پنھنجو قانوني ڪرادار ادا ڪري ڪنھن بھ ٻي اٻھرائپ جي ڪوشش ملڪ ۽ عوام جي لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ڪندي ۽ اسان سڀ اھڙي ڌٻڻ ۾ ڌڪجي وينداسين جتان نڪرڻ ممڪن نھ ھوندو.
اسٽيبلشمنيٽ سياسي معاملن کان ٿورو پوئتي مس ھٽي آھي تھ وري عدليھ ان جي جاءِ والاري ورتي آھي،يقينن عدليھ جو رول اھم آھي ۽ حڪومت جي بھتر ڪارڪردگيءَ نھ ھئڻ ڪري عام ماڻھو عدالت جو ئي رخ ڪري ٿو ان ڪري ويجھڙائي ۾ عدليھ ڪافي متحرڪ ٿي آھي پر اھو ياد رکڻ گھرجي تھ جڏھن بھ ڪنھن بھ موڙ تي انصاف جون گھرجون پوريون نھ ٿينديون تھ ملڪ نھ ھلي سگھندو.
ملڪ جي سمورن گھڻگھرن، لاڳاپيل ادارن ۽ سياسي ڌرين کي گھرجي تھ اھي گڏجي ويھي سياسي معاملا پاڻ ۾ نبيرين، ڪيترائي ئي اھڙا معاملا آھن جيڪي نج سياسي آھن، اھي سياسي ڌريون ئي پاڻ ۾ گڏجي حل ڪري سگھن ٿيون، عدليھ کي ھن پاسي ڏانھن گھلڻ سان اھڙا تڪرار حل ٿيڻ بجاءِ وڌيڪ شديد ٿيندا جنھن جو مثال ھن وقت جي صورتحال آھي.