لاهور( ويب ڊيسڪ) انساني حقن جي تبظيم ايڇ آر سي پي ملڪ ۾ بحران تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
چيئرمين ايڇ آر سي پي حنا جيلاني ٻين عهديدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ سياسي بحران جو شڪار آهي، قيادت ۽ پوليٽيڪل آرڊر نظر نه ٿو اچي، سپريم ڪورٽ جا خدشا بي بنياد ناهن، ٻن ڌرين جي تڪراري فيصلي سبب ڪيترائي بحث مباحثا ٿيا. سپريم ڪورٽ جي ججن جا مطالبا سامهون اچي سگهن ٿا.
هن چيو ته ادارا بحرانن کي منهن نه ڏئي سگهيا آهن، سياسي ڏاهپ ۽ قيادت جو بحران آهي، عدليه کي گهرجي ته پنهنجي اجتماعي دانش موجب ڪم ڪري، سچ کي سامهون آڻي، ان تي بحث ڪري، حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪهڙي رڪاوٽ آهي؟ مڪمل بينچ؟ هن چيو ته ٻنهي اسيمبلين کي ٽوڙڻ جي پٺيان هڪ ايجنڊا آهي، سياستدان پارليامينٽ ۾ ويهي ڳالهيون ڪن، ڪنهن ٻئي ڏانهن نه ڏسن، چونڊ ملتوي ڪرڻ جو جواز پيش ڪيو وڃي، جيڪڏهن مخالف ڌر غير ذميوار آهي ته حڪومت به پوئتي ناهي هٽي.
سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن جي تڪراري فيصلي مان ڪيترائي قابل بحث رخ سامهون اچي سگهن ٿا. هن چيو ته ٻنهي اسيمبلين کي ٽوڙڻ جي پٺيان هڪ ايجنڊا آهي، سياستدان پارليامينٽ ۾ ويهي ڳالهيون ڪن، ڪنهن ٻئي ڏانهن نه ڏسن، چونڊ ملتوي ڪرڻ جو جواز پيش ڪيو وڃي، جيڪڏهن مخالف ڌر غير ذميوار آهي ته حڪومت به قيمت ادا ڪرڻ ۾.پوئتي ناهي.
حنا جيلاني چيو ته ايڇ آر سي پي ٽياڪڙي جو ڪردار ادا نه ڪندي، سياستدان پاڻ بحران حل ڪن، چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن، چونڊون 30 اپريل تي ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهن 8 آڪٽوبر تي ٿيڻو آهي ته پوءِ معاهدو ٿيڻ گهرجي.