گمبٽ ۾ ٽن ڳوٺاڻن جو چاچي جي مبينا ظلمن خلاف احتجاج، پوليس چڙهايون ڪرائي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام هنيو ويو
ڳوٺ لولائي واسي ڪلهوڙا برادري جي ٽن ڀائرن راهب، الله بخش ۽ همٿ ڪلهوڙو پنهنجي چاچي بااثر گلشير ڪلهوڙو جي مبينا ظلمن خلاف احتجاج ڪري پوليس جون چڙهايون ڪرائڻ جو الزام هنيو
مظاهرين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته بااثر چاچي زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، پوليس جون گهرن تي چڙهايون ڪرائي ۽ ڏوهارين کان موتمار ڌمڪيون ڏياري رهيو آهي
هنن چيو ته پوليس چاچي جي چرچ تي ستين درجي جي شاگرد کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو هو، رشوت ڀري کيس آزاد ڪرايو آهي، اختياريون نوٽيس وٺي پوليس ۽ بااثر چاچي خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ ڏيارين
گمبٽ ۾ ڳوٺاڻن بااثر خلاف احتجاج، پوليس چڙهاين ۽ موتمار ڌمڪين جو الزام
You might also like