دڙي ويجهو آدمشماري ۾ ڊيوٽي ڪندڙ استادن پاران فيوئل جا پيسا ۽ ٻيو الائونس نه ملڻ خلاف احتجاج ڪري اي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو
آدمشماري ۾ ڊيوٽيون ڪندڙ استادن سڪندر زرداري، عمران آرائين، ملازم لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري سنڌ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي
ان موقعي تي استادن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پنجويهه ڏينهن کان آدمشماري جي ڊيوٽي ڪندي گهر گهر وڃي سروي ڪري رهيا آهيون، اعلانيل ڪنوينس الائونس نٿو ڏنو وڃي
هنن چيو ته ذاتي گاڏين تي پنهنجي کيسي مان پيٽرول ڀرائي سڄو ڏينهن ڊيوٽيون ڪيون ٿا، نه کائڻ پيئڻ سميت ٽرانسپورٽ جي ڪا به سهولت ناهي ڏني وئي
مظاهرو ڪندڙ آدمشماري عملي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فيوئل جي مد ۾ اعلانيل ڪنوينس الائونس ڏياري انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو
دڙي ۾ آدمشماري عملي جي استادن پاران سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاج
You might also like