ڀارت طرفان پاڪستان ۾ شيڊول ايشيا ڪپ 2023ع ۾ شرڪت کان انڪار کانپوءِ ڀارت جون ميچون نيوٽرل هنڌ تي ڪرائڻ لاءِ فارمولو تيار ڪيو ويو آهي ۽ ان فارمولي تحت امڪان آهي ته قومي ٽيم عالمي ڪپ جي ميچون ڀارت بدران ٻين ملڪن ۾ کيڏي.
دبئي ۾ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان ايشيا ڪپ لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو جنهن پٽاندڙ ايشيا ڪپ ۾ ڀارت جون ميچون ڪنهن ٽئين ملڪ ۾ ٿينديون جڏهن ته باقي ٽيمن جا مقابلا پاڪستان ۾ ٿيندا.
ذريعن موجب امڪان آهي ته اي سي سي جلد ان حوالي سان اعلان ڪندي.
ذريعن موجب جيڪڏهن فارمولي تي عمل ٿيو ته پاڪستان ڀارت ۾ هلندڙ سال نومبر ۾ رٿيل ون ڊي عالمي ڪپ جي ميچون به ٽئين مُلڪ ۾ کيڏندو، ڇاڪاڻ ته ان فارمولي تي عمل جي صورت ۾ پاڪستان ٽيم به هلندڙ سال ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت نه ويندي.
پي سي بي پاران آءِ سيسي ۽ اي سي سي اختيارين کي ان حوالي سان آگاهه ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب پاڪستان جي عالمي ڪپ جي ميچن لاءِ سريلنڪا ۽ بنگلاديش غور هيٺ آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ان فارمولي تحت ايشيا ڪپ ۽ عالمي ڪپ ئي نه پر 2025ع ۾ پاڪستان ۾ شيڊول چيمپيئنز ٽرافي به کيڏي ويندي.