لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته لاهور کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو، حڪمران عمران خان تي ڪيس ٺاهي رهيا آهن، اظهر مشواڻي کي اغوا ڪيو ويو 3 گذرڻ باوجود سندس ڪوبه ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، 3 هزار ڇاپا هڻي 2 هزار ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، لکين ماڻهن موجوده حڪومت جي ڪريل حرڪتن کي رد ڪري ڇڏيو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو آهي ته صدر عارف علوي پنهنجي خط ۾ وزيراعظم کي آئين تي عمل جو مشورو ڏنو آهي، ظاهر آهي ته شهباز شريف کي خط پي ٽي آءِ جي پريس رليز ئي نظر ايندو، جيڪڏهن صدر جي قدمن تي عمل ٿي ها ته ملڪ ۾ جمهوريت مضبوط هجي ها، مسلم ليگ ن وارا بيوقوف ۽ غير سنجيده ماڻهو آهن، صدر جي خط تي تبصرو ڪندڙ عورت ڪائونسلري جي چونڊ به وڙهي نه ٿي سگهي.