لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سُپريم ڪورٽ اسان جي درخواست ٻُڌِي ته شهباز شريف لاءِ به يوسف رضا گيلاني جهڙو فيصلو اچي سگهي ٿو، يوسف رضا گيلاني عدالتي حڪم نه مڃڻ تي نااهل ٿيو هو، شهباز شريف به هاڻي ساڳيو ڪم ڪري رهيو آهي،ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪارڪنن کي جلسي ۾ شرڪت کان روڪيو پيو وڃي، ڪارڪن قانون هٿ ۾ نه کڻن ۽ پُرامن نموني جلسي گاهه تائين پهچن،ڪالهه کان سڄي پنجاب ۾ ڇاپا هڻي ڪارڪنن کي کنڀيو پيو وڃي، پنجاب ۾ نگران حڪومت پي ڊي ايم جي ايڪسٽينشن بڻيل آهي، عمران خان پهاڙ جيان بيٺو آهي، قانون ۽ آئين جي ڀڃڪڙي خلاف عدالت ويا آهيون، قانون جي دائري ۾ رهي ويڙهه ڪرڻي آهي، هن چيو ته هيل تائين اسان 1500 کان 1800 ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن، مسلسل ڇاپا هنيا پيا وڃن