ڪشمور ۾ حقدار عورتن جو وظيفي مان ڪٽوتي خلاف احتجاج

ڪشمور( ت ر ) ڪشمور ۾ ڊوائيس مافيا بي لغام بڻيل روزانو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ھزارين مستحق عورتن جي حق تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي ايجنٽ ۽ ڊوائيس مافيا بيواھ ۽ مسڪين مستحق عورتن جي پئسن مان ڪٽوتيون ڪري ڪروڙ پتي بڻجي ويا آهن سينٽر قائم نه ٿيڻ ڪري ڊوائيس ھولڊر پنهنجي دڪانن اندر ئي ٽي ماھي قسط مان 500 کان ھڪ ھزار رپين تائين  ڪٽوتي ڪن ٿا دڪانن اڳيان عورتن جي وڏي رش ۽ پيھ ھجڻ ڪري پيرسن عورتن کي ڌڪا ڏيئي تذليل ڪئي وڃي ٿي بسپ عملدارن جي ملي ڀڳت سبب ڪٽوتيون ڪندڙ ڊوائيس ھولڊرن خلاف ڪو به انتظامي عملدار توڙي ذميوار ڪا به ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ان سلسلي ۾ مستحق عورتن احتجاج ڪندي صحافين وٽ دانھيو  آهي ته غريب مظلوم عورتن جي پروگرام کي ڪمائي جو ذريعو بڻايو ويو آهي ھنن ذميوار اختيارين کان گھر ڪئي ته ڊوائيز مافيا جي زيادتين جو نوٽيس وٺي مستحق عورتن جي امدادي رقم مان ٿيندڙ ڪٽوتين کي بند ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.