دريا خان مري ( ن ع آ ) دريا خان مري ڀرسان پرائمري اسڪول رسول بخش وگھيو، پرائمري اسڪول ملو واحد بخش خاصخيلي ۾ انڊس ريسورس سينٽر ضلعي نوشھرو فيروز پاران يونيسيف جي تعاون سان ٽيمپرري لرننگ سينٽر قائم ڪيو ويو ،ان موقعي تي انڊس ريسورس سينٽر جي ضلعي مينيجر سادات علي لنجار ڪميونٽي موبلائيزر غلام مجتبي ٻاٽ سيف الله وسطڙو رضوانا ٻاٽ ٻڌايو ته 2022 جي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ضلع نوشھرو فيروز جي ڪيترن ئي اسڪولن جون بلڊنگون ڪري پيون آھن، جن جي وزٽ ڪري ۽ شاگردن جي حاضري ڏسي يونيسيف جي تعاون سان پرائمري اسڪول رسول بخش وگھيو ۽ پرائمري اسڪول ملو واحد بخش خاصخيلي ۾ 72 فٽ ڊيگهھ ۽ 17 فٽ ويڪر وارو 2 ڪمرن وارا واٽر پروف ٽينٽ ھڻي ڏنا آھن شاگردن جي ويھڻ لاءِ قالين پيئڻ جي پاڻي لاءِ ڪولر بليڪ بورڊ پڻ مھيا ڪيا ويا آھن ۽ اسڪول جي شاگردن کي اسڪولي بيگ ۽ ڪتاب پڻ ڏنا ويا
-
گهوٽڪي جي ننڍن وڏن شهر ۾ شيون مهانگيون، انتظاميا خاموش
گهوٽڪي ( ڊر ) گهوٽڪي جي ننڍن وڏن شهرن قادرپور، سرحد، ميرپور ماٿيلو، ڏهرڪي، اوٻاوڙو، خانپور مهر، عدالپور سميت ضلعي انتظاميا منافعي خور واپارين ڪريلا 130 رپيا، توري 140 رپيا، ڀينڊيون 180 رپيا، گوشت 1250 رپيا، وڏو گوشت 620 رپيا، اٽو 165 رپيا ڪلو وڪامڻ لڳو مڇي 500 رپيا ڪلو، چانور باسمتي 300 رپيا ڪلو وڪرو، عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ ڏينھون ڏينھن اضافي سبب 500 رپيا ڏھاڙي ڪمائيندڙ پورهيت طبقي جي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. منافعي خور واپارين ھٿ ٺوڪيا اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آھن. ان سلسلي ۾ دانهيندي شهرين سيف عباسي ،صدر الدين ،عاشق علي ۽ ٻين ٻڌايو ته آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ مھانگائي غريبن کان وات جو گرھ به کسي ورتو آھي، ڏھاڙي ڪمائيندڙ پورھيت ھڪ ويلي جي مانيءَ لاءِ پريشان آھي. ضلعي انتظاميا ته عام واهپي وارين شين جو وڪرو ريٽ لسٽن تحت يقيني بڻايو وڃي.
-
گهوٽڪي ۾ قبضا مافيا جا قبضا، ٽريفڪ جام
گھوٽڪي ( ڊ ر ) گھوٽڪي شهر اندر رمضان شريف ايندي ئي ٽريفڪ جام جڏهن ته روڊ جي ٻنهي پاسن کان ريھڙي مافيا مضبوط قبضا قائم ڪري ڇڏيا ٻئي پاسي رڪشا وارا شھرين لاءِ عذاب بڻيل آهن جڏهن ته انتظاميا مڪمل بيوس بڻيل، شهرين جو چوڻ آهي ته گھوٽڪي ضلعي انتظاميا کي روزيدارن کي ايندڙ سخت مشڪلاتن کي فوري طور تي حل ڪرڻ گهرجي ۽ قبضا مافيا کي ختم ڪرڻ گهرجي جئين عوام ڪجھه سڪون ملي سگهي.