سکر(رپورٽ اختيار علي چنا ) سکر جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد بچل شاھ مياڻي لڳ ڳوٺ الهندو خروس ۾ الاهي بخش خروس، قادر بخش ۽ سندن عورتون زمين تي لابارو ڪري رهيون هيون ته ٻئي ڌر جي علي محمد خروس، رمضان، وزير ۽ ٻين کين لابارو ڪرڻ کان روڪيو ته ٻنهي ڌرين ۾ منهن ماري ٿيڻ بعد جيھڙو ٿي پيو، لٺيون لڳڻ سبب ٽي عورتون مسمات رحيمان، ڀائن ۽ ميانزادي خروس زخمي ٿي پيون متاثر ڌر پاران مخالف ڌر خلاف علائقي ۾ احتجاج ڪندي الاهي بخش۽ ٻين الزام هنيو آھي ته جوابدار علي محمد ،وزير ۽ ٻين اسان پنهنجي زمين تي ڌاڻن جو لابارو ڪري رهيا هيا سين ته جوابدارن حملو ڪري لٺيون هڻي ٽن عورتن مسمات رحيمان۔ڀائن ۽ ميان زادي کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آھن جوابدار ڀتو گهر رهيا هئا نه ڏيڻ تان تشدد ڪيو آھي، ھوڏاهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ائر پورٽ ٿاڻو ٻڌايو ته معمولي جهيڙو ٿيو هو هڪ ٻئي ڌڪا ڏنا هيا ئون ڪوبه زخمي ناهي ٿيو ٻنهي ڌرين جي اين سي داخل ڪئي آھي.