خانپورمھر ويجھو ٻن ڌرين جي تڪرار سبب آدمشماري عملي پاران بائيڪاٽ ، وڊيو وائرل

خانپورمهر (ن ع آ) خانپورمهر ويجهو پير بري ۽ سوڀو لنڊ واري علائقي ۾ لنڊ ۽ بوزدار برادري وچ ۾ هلندڙ تڪرار سبب آدمشماري مهم بند ٿي وئي، جڏهن ته عملي پاران مهم جو بائيڪاٽ ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي،  ڌرين ۾ فائرنگ سبب استاد محرم علي پتافي ۽ ظفر عباسي جي اڳواڻي ۾ آدمشماري مهم ۾ ڪم ڪندڙ عملي خطري سبب ڄاڻايل علائقي ۾ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ، وڊيو ۾ عملي جو چوڻ آهي ته لنڊ ۽ بوزدار برادري جي ڌرين ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ هلي ٿي جنهن سبب جان خطري ۾ هجي ٿي، بوزدار برادري چئي ٿي ته جيڪڏهن لنڊ برادري فائرنگ نه ڪري ته اسان به فائرنگ نه ڪندا سين، آدمشماري عملي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس  وٺي بوزدار ۽ لنڊ برادري جي ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺي فائرنگ بند ڪرائي وڃي، ان کان بعد ڊيوٽي ڪنداسين،ٻڌايو پيو وڃي ته ڌرين ۾ پراڻو تڪرار سبب ڇڪتاڻ هلندڙ آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هلندڙ ڇڪتاڻ تان فائرنگ ٿي هئي ڌرين سان ڳالهين کانپوءِ فائرنگ بند ٿي وئي جنهن بعد آدمشماري عملو ڄاڻايل علائقي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.