سيوھڻ(ن ع آ) سيوھڻ شھر اندر ڪيترن مھينن کان واٽر سپلاءِ اسڪيم ذريعي منڇر ڍنڍ جو زھريلو پاڻي فراھم ڪرڻ ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا نه ڪرڻ خلاف شھر جي مختلف تنظيمن جي اڳواڻن پاران سيوھڻ پريس ڪلب ۾ ھڪ ھنگامي گڏجاڻي ڪوٺائي احتجاج ڪيو ويو، لال شھباز ٽرسٽ جي چيئرمين ڪامريڊ اڪبر ملاح، الشھباز شاپ ڪيپرس جي صدر علي نواز سولنگي، پ پ ڪائونسلر اڪبر بلوچ، ادبي سنگت سيوھڻ جي اڳواڻ مير حاجن مير، پ ٽ الف سيوھڻ جي صدر محمد بخش رند، ايڊووڪيٽ منير سومرو، درزي ايسوسيئيشن جي صدر عبدالحفيظ پنهور ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اڳواڻن سيوھڻ جي عوام کي ميونسپل ڪاميٽي جي انتظاميا پاران ڪجهه مھينن کان منڇر ڍنڍ جو زھريلو پاڻي فراھم ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. ، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سيوھڻ شھر ۾ ڪيترن ئي مھينن کان پيئڻ لاءِ منڇر ڍنڍ جو صحت لاءِ ھاڃيڪار گندو بدبودار انتھائي خراب پاڻي فراھم ڪيو پيو وڃي پر افسوس ته ڪافي سالن کان سيوھڻ تڪ جو ايم پي اي سنڌ جو وڏو وزير آھي پر بدقسمتي سان سيوھڻ واسين جو پاڻيءَ جو بنيادي مسئلو حل نه ٿي سگھيو آهي. گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته شھرين جو وفد جي صورت ۾ سڀاڻي سيوھڻ ميونسپل انتظاميا سان ملاقات ڪري پنھنجي جائز مطالبن کان کين آگاھي ڏيندو .