وفاقي حڪومت جو ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙيندڙ عنصرن کي سختي سان منهن ڏيڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙيندڙ عنصرن کي سختي سان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

وزيراعظم هائوس ۾ شهباز شريف جي صدارت هيٺ سياسي ۽ قومي معاملن تي ڊگهو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڳجهن ادارن جي ذميوارن به شرڪت ڪئي.

ذريعن ٻڌايو ته سي سي پي او لاهور شرڪت ڪندڙن کي تفصيلي بريفنگ ڏني.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ لاهور ۽ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي پرتشدد ڪارروائين تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته ڏڦيڙ پکيڙيندڙ ڪارڪن ڏهاڙي تي گهرايا ويا هئا، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن کي گرفتار ماڻهن کان پڇا ڳاڇا دوران اهم انڪشافن کان به آگاهه ڪيو ويو.

ذريعن موجب سياسي اڳواڻن طرفان اجلاس ۾ مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون ۽ شرڪت ڪندڙن عمران خان بابت واضح پاليسي اختيار ڪرڻ جي راءِ ڏني ۽ چيو ته حڪومتي رٽ جي عملداري لاءِ عمران خان کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو، قانون سڀني لاءِ برابر آهي ته عمران خان مٿانهون ڇو؟

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ چونڊن جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو.

ذريعن موجب وفاقي حڪومت ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙيندڙ عنصرن کي سختي سان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ شرپسندي کان نه مڙندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ سيڪيورٽي ادارن کي فري هينڊ ڏيڻ جو اشارو ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.