بدقسمتي سان پاڪستان اھڙو ملڪ آھي جتي ڪڏھن بھ مڪمل جمھوريت نھ آئي آھي، مٿان وري ھاڻي عوام کي گھڻين ئي قربانين ۽ جدوجھد بعد ملندڙ لولي لنگڙي جمھوريت واري رعايت بھ جھڙوڪر ختم ٿيندي نظر اچي رھي آھي. ان سموري قضيئي جو بار رڳو جمھوري قوتن تي ناھي پر ان ۾ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جو بھ وڏو حصو آھي.
ملڪ ۾ انتھاپسندي،تنگ نظري، لساني ۽ مذھبي سياست کي اڳيان وڌائڻ جي پويان جمھوري قوتن کي چٿڻ جو مقصد سمايل ھو،جنھن ۾ ھر دور جي اسٽيبلشمينٽ پنھنجي پتي داخل ڪئي آھي،اڄ ملڪ جنھن موڙ تي پھتو آھي،ان ۾ ملڪ جي جاگيردارن،سرمائيدارن،خانن،وڏيرن ۽ اشرافيا جو پورو پورو ھٿ آھي.ھر وقت اھو چيو ويندو ھو تھ ملڪ نازڪ موڙ تي اچي ويو آھي، پر ھاڻي ڪنھن کي بھ ان ڳالھھ ۾ شڪ ناھي تھ ملڪ حقيقت ۾ ھڪ نازڪ موڙ تي اچي ويو آھي. دليل سان ڪو بھ ڪنھن جي ڳالھھ سمجھڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.
ملڪ جي اصل مالڪن جي پوکيل پوک کي ھاڻي لڻڻ جو وقت اچي پھتو آھي، ھٿياربند جٿن،عسڪري ونگ،ويڙھاڪ ڪارڪنن جي ھڪ تيار ٿيل فوج سموري ڪم کي پوري ڪرڻ جي لاءِ موجود آھي.جنھن ڪري علم و ادب يا وري ڪنھن سجاڳي جي ڳالھھ ڪرڻ پنھنجي جان جوکي ۾ وجھڻ وارو وقت اجھو ھي سامھون اچي ويو آھي.
جيڪو ڪجھھ ھن گذريل ٽن چئن ڏينھن ۾ ملڪ جي عوام جي اڳيان ٿيو آھي، ان مان تھ اھو اندازو ٿي رھيو آھي تھ ھاڻي ملڪ ۽ عوام جي لاءِ خطرن جو ھڪ وڏو سلسلو شروع ٿي چڪو آھي، ھي اھڙو بحران آھي،جنھن مان نڪرڻ ۾ بھ گھڻو ئي وقت لڳندو پر ان کان اڳ ان جي لاءِ ھاڪاري روين،صاف سٿري سياست،دليل ۽ منظق جو ھٿيار ھٿ ۾ کڻڻ جي ضرورت آھي.گڏوگڏ ان مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ نيڪ نيت بھ پھرين لازمي آھي.
ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح چاليهه سيڪڙو کان وڌي رهي آهي ۽ عالمي مالياتي فنڊ پاڪستان سان اتفاق ڪيل پروگرام کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ميزائل پروگرام بند ڪرڻ تي زور ڏئي رهيو آهي.
لاهور جي زمان پارڪ ۾ پنجاب پوليس جي ڇاپي ۽ اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي حملي سان ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ هڪ نئون رخ اختيار ڪري رهي آهي. انهن حالتن ۾ صدر عارف علوي به اهو چوڻ تي مجبور ٿيو ته ”الله جو شڪر آهي جو ملڪ اڄ هڪ وڏي حادثي کان بچي ويو“.
حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ هلندڙ تڪرار کي رڳو سياسي جدوجهد نه ٿو چئي سگهجي ۽ جنھن ۾صرف سياسي عنصر ناھن وڙهيا. بلڪه ان ۾ رياستي ادارا هڪ ٻئي کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ عدليه جي ڪردار تي مسلسل سوال اٿي رھيا آھن.
اسلام آباد جي جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال جي لاچاري اُن وقت ڏسڻ ۾ آئي، جڏهن عدالت ٻاهران جنگ جهڙي صورتحال سبب هو عمران خان کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ ۽ عدالت ۾ ويهڻ کان استثنيٰ ڏيڻ تي مجبور ٿي ويو. ڪار ۾ ھوندي ”حاضري“ جي اجازت ڏني.
عمران خان جو وڪيل ۽ پوليس سپرنٽينڊنٽ ان بحث ۾ اچي بيهي رهيا، ته عمران خان جي دستخط ڪيل عدالتي دستاويز غائب ٿي ويا آھن. تحريڪ انصاف جا وڪيل ۽ پوليس هڪ ٻئي تي انھن کي گم ڪرڻ جا الزام لڳائي رهيا آھن.جج ظفر اقبال ڌرين کي موقف لکت ۾ عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 30 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي.۽ عمران خان کي هڪ ڀيرو ٻيهر ايندڙ تاريخ تي ذاتي طور پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
جيڪڏهن ٿورو ھوش ڪريون تھ لاهور ۾ پوليس ۽ تحريڪ انصاف ۽ عمران خان اسلام آباد ۾ غير قانوني ۽ ناقابل قبول رويا اختيار ڪيا. عمران خان جي لاهور وڃڻ کان پوءِ پنجاب پوليس حددخلين هٽائڻ ۽ شڪي عنصرن جي گرفتاري لاءِ زمان پارڪ تي ڇاپو هنيو. جنھن سان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن سان جهيڙو به ٿيو پر پوليس 60 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪجهه حد دخليون هٽائي ڇڏيون.
پوليس درجنين ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ کان علاوه هٿيار، ٻيو سامان ۽ پيٽرول بم ٺاهڻ وارو مواد هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي. ان قدم جو ڪو به اخلاقي جواز نه هو. اسلام آباد ۽ پنجاب پوليس رينجرز جي مدد باوجود عمران خان کي ساڳئي ھنڌ تان گرفتار نه ڪري سگهي هئي.پوليس جي اهڙي عمل سان ملڪ جي سياسي ماحول تي به اثر پوندا ۽ پاڻ ۾ ڇڪتاڻ وڌندي.
ٻئي طرف عمران خان اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ لاءِ ايندي عدالت جي ڪيترن ئي وارننگن کي نظرانداز ڪيو. سوين ڪارڪنن سان گڏ جڊيشل ڪمپليڪس پهتو ۽ عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ ڪجهه قدم هلڻ بدران پنهنجي ڪار ۾ سوار ٿي، عدالت جي دروازي تائين پهتو.
اھڙي رويي مان واضح ٿيو ته هو عدالت ۾ پيش ٿيڻ نٿو چاهي، پر ڪورٽ جي ان وارننگ کان به بچڻ چاهي ٿو ته جيڪڏهن هو سيشن ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيو ته سندس خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي.
اسلام آباد ۾ عمران خان ۽ سندس ساٿين جي رويي کي نيڪ نيتيءَ تي ٻڌل نه ٿو چئي سگهجي. بدقسمتيءَ سان اقتدار تي قابض سياسي قيادت ۽ ان کي چيلينج ڪندي ملڪي وسيلن کي پاڻ ۾ ويڙهاند ۾ ضايع ڪري رهيا آهن.
اھڙي سياسي ٽڪراءَ ۾ هر قسم جي قانون ۽ ضابطن کي مڃڻ کان انڪار جي صورت ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي راهه کي روڪڻ لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن.جيڪو ڪجھھ ٿي رھيو آھي، ان جا اثر سموري سماج تي پوڻا آھن، جيڪڏھن عمران خان ۽ ھن جي پارٽي کي اھڙي قسم جو رويو جاري رکڻو آھي تھ اھو ملڪ،قوم،جمھوريت،آئين ۽ قانون جي لاءِ خطرناڪ آھي.جنھن سان ھر ڪنھن کي اھو رستو ملندو تھ ھو جمھوري انداز اختيار ڪرڻ بجاءِ غيرقانوني طور طريقن سان ھٿاربند ٿي ڪري ميدان ۾ لھي، پوءِ ھن وقت عمران خان کي مليل رعايت جي ھر سياسي ڌر گھر ڪندي.
سياست جي نالي ۾ غير سياسي عمل سان ملڪ جي سموري نظام کي خطرو وڌي رھيو آھي،اڳ ئي سياسي ۽ معاشي بحران ۾ ورتل ملڪ ھاڻي انارڪي جي ور چڙھي وڃڻ جو خطرو پيدا ٿي رھيو آھي.