عمران خان گرفتاري کان ڇو ڊڄي رهيو آهي؟

سيد مجتبيٰ رضوان

قانون جي حڪمراني جو مطلب انصاف آهي، طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ هڪ ئي قانون هجڻ گهرجي، پاڪستان ۾ ماڻهو قانون جي بالادستي کي نٿا سمجهن، قانون جي بالادستي جو مطلب طاقتور کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ آهي. مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر مريم نواز عمران خان جي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عدالتي حڪمن باوجود عمران خان جو قانون آڏو پيش نه ٿيڻ ملڪ جي انصاف واري نظام جي منهن تي چماٽ آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته جيڪو دعويٰ ڪري ٿو ته هو طاقتور کي قانون جي دائري ۾ آڻيندو،ھن ملڪ جي عدليھ کي چيڙائي رھيو آھي.سڀئي  خاموش تماشائي بڻيل آهن، مريم نواز جو چوڻ هو ته جھنگل ۾ بھ ڪو قانون ھوندو آھي،مسلم ليگ جي اڳواڻ ميان جاويد لطيف جو چوڻ آهي ته حڪومت عوام کي ٻڌائي ته عمران خان جي گرفتاري ۾ ڪهڙيون رڪاوٽون آهن.ھن چيو تھ

8 مھينا جيڪو لڪايو ويو آھي اھو ملڪي مفاد ۾ ٻڌائي ڇڏڻ گھرجي. عمران خان کي ھاڻي بھ سھولت ڪاري ڏني پئي وڃي،تھ حڪومت کي سچ ٻڌائڻ گھرجي،عمران خان جي خواهش تي 6 ڪلاڪن ۾ فيصلا اچي رهيا آهن، نواز شريف جي ڪيسن کي  6، 6 سالن کان ٻڌو نھ پيو وڃي.

واضح رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪندي،عدالت کيس ٻيهر پيش ٿيڻ لاءِ وڌيڪ مهلت ڏئي ڇڏي، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ساڍي 12 وڳي ٻيهرسماعت شروع ٿي، جنهن دوران عدالت کي عمران خان جي وڪيل استدعا ڪئي تھ، ايڊووڪيٽ اظهر صديق هدايتون حاصل ڪري اچي رهيو آهي، ٿورو وقت ڏنو وڃي، ٻڌڻي 2 وڳي تي، ٽيون ڀيرو شروع ٿي،ان وقت عمران خان جو وڪيل اظهر صديق ۽ معالج ڊاڪٽر فيصل سلطان عدالت ۾ پيش ٿيا، اظهر صديق عدالت ۾ چيو ته ھو موجوده ضمانت واري درخواست واپس وٺڻ چاهي ٿو، جسٽس طارق سليم چيو ته ٻڌڻي 4 وڳي ٻيهر ٿيندي، ان معاملي کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، هاڻي هڪ مسئلو اھو بھ آهي تھ درخواست، حلف نامن ۽ توهان جي وڪالت نامي تي عمران خان جا دستخط مختلف آهن. اھي دستخط مختلف ڪيئن ٿي ويا ؟ وڪيل اظهر صديق درخواست ڪئي ته مون کي وقت ڏيو، مان ڏسان ٿو، ياد رهي ته مديني جي رياست ٻن بنيادي اصولن تي قائم ڪئي وئي هئي، هڪ قانون سڀني لاءِ برابر هوندو ۽ ٻيو فلاحي رياست هوندي، ڇو ته اڳي قومون ان ڪري تباهه ٿي ويون هيون.جو  امير ۽ غريب لاءِ جدا جدا قانون هو.

لاهور هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته توشه خاني ڪيس ۾ عمران خان جي گرفتاري لاءِ زمان پارڪ ۾ آپريشن روڪڻ جو حڪم سڀاڻي تائين برقرار رهندو. زمان پارڪ ۾ پوليس آپريشن روڪڻ بابت فواد چوڌري جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس طارق سليم شيخ جي عدالت ۾ آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان پيش ٿيو، ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب به عدالت جي ڪمري ۾ پيش ٿيو، وڪيل فواد چوڌري چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آھي.

جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته درخواستگذار ڪٿي آهي، 10 وڳي جو وقت ھو، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو تھ اھا  اوهان جي سنجيدگي آهي ته درخواستگذار عدالت ۾ ناهي، جنهن تي وڪيل فواد چوڌري چيو ته اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ فيصلو محفوظ آھي، جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته سيڪشن 76 پڙهو، اھا تھ ڪا ڳالهه ئي ناهي، عدالت چيو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو انڪري آھي جو ڪو به قانون نٿو پڙهي،  جسٽس طارق سليم شيخ رمارڪس ڏيندي چيو ته هر شيءِ جو حل قانون ۽ آئين ۾ آهي. ان دوران اظهر صديق ايڊووڪيٽ سيڪشن 76 جا وارنٽ بابت سيڪشن پڙهي ٻڌايا، جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته ڌرين سڄو نظام جام ڪري ڇڏيو آهي، عدالت فواد چوڌري جي وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڪڏهن اوھان هن عدالت ۾ اچو ٿا، ڪڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وڃو ٿا.

اظهر صديق چيو ته هي سياسي معاملو بڻجي ويو آهي، عدالت چيو ته توھان ٻنهي پارٽين ٺاهيو آهي، رڳو قانون تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، سڄي قوم کي مصيبت ۾ اچي وڌو آهي.

عدالت فواد چوڌري کان سوال ڪيو ته سيڪيورٽي جو ڪهڙو معاملو آهي، فواد چوڌري چيو ته سيڪيورٽي جو معاملو انتهائي سنجيده آهي، عمران خان اسلام آباد جي 4 عدالتن ۾ پيش ٿيو، پر پنجين ۾ پيش نه ٿيو،ايف 8 عدالت ۾ عمران خان تي قاتلاڻي حملي جو سئو سيڪڙو ڪنفرم اطلاع ھو.

عدالت چيو ته اسان جي سسٽم ۾ سيڪيورٽي وٺڻ جو قانون آهي، سيڪيورٽي وٺڻ جو مناسب طريقو آهي، ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب شان گل چيو ته عمران خان جڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو تھ سيڪيورٽي ڏني وئي، عدالت فواد چوڌري سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان پاڻ کي سسٽم ۾ آڻيو، توهان کي پاليسي ڏيون ٿا، ان کي لاڳو ڪريو. ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اچي ويو آهي، جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته مون وارنٽ جي معاملي کي ٽچ ناھي ڪيو، عدالت رمارڪس ڏنا ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وارنٽ تي عملدرآمد کان نه روڪيو آھي، ان سان گڏ لاهور هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جنهن بعد زمان پارڪ آپريشن روڪڻ جي درخواست تي حڪم نامو جاري ڪندي،

جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته عدالت جو آپريشن روڪڻ جو حڪم سڀاڻي تائين برقرار رهندو، ڌرين جي وڪيلن جي درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪجي ٿي.

، ان کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي زمان پارڪ واري رهائشگاهه جي دروازي ٻاهران پارٽي جي ڪارڪنن ڪنٽينر رکي ڇڏيا.جڏھن تھ پوليس ٽيمون اڳوڻي وزيراعظم جي گهر کان 5 منٽن جي فاصلي تي پھچڻ  شروع ٿي ويون. اسلام آباد پوليس جي مدد ۾ پنجاب پوليس ۽ رينجرز بھ گڏ ھئي.اڱاري ڏينهن سيشن ڪورٽ عمران خان جي گرفتاري لاءِ جاري ڪيل ضمانت نھ ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ تي عمل ۾ رڪاوٽ وڌي وئي. اڳوڻو وزير اعظم پنهنجي گھر  ۾ لڪو رھيو.عدالت  عمران خان جا گرفتاري وارنٽ 4 ڀيرا پيش نھ ٿيڻ تي جاري ڪيا ھيا. گذريل ڏينهن پوليس ۽ اهلڪارن ۾ جهيڙي کانپوءِ فورس واپس ٿي وئي ۽ چيو ويو  ته پاڪستان سپر ليگ جي ميچ سبب آپريشن روڪيو ويو، ان کان علاوه لاهور هاءِ ڪورٽ به قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڪارروائي روڪڻ جو ايندڙ ڏينھن 10 وڳي صبح تائين جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عمران خان جي امڪاني گرفتاري روڪڻ لاءِ سندس پارٽي ڪارڪن ڪينال روڊ تي نڪري آيا،ھنن وٽ ڏنڊا ۽ گليلون بھ ھيون، گھر ڏانھن ويندر رستي کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو.ھو عمران جي حق ۾ نعرا ھڻي رھيا ھئا،ڪارڪنن پٿراءُ ڪري ۽ روڊن تي مختلف هنڌن تي رڪاوٽون وڌيون.ايتري ۾ پوليس پهچي وئي، سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيو فوٽيجز ۾ مال روڊ ۽ ڪئنال روڊ تي ڪنٽينر بيٺل نظر آيا، جڏهن ته پنجاب پوليس جا درجنين اهلڪار به مال روڊ تي بيٺل نظر آيا. گرفتاري وارنٽ معطل ڪرڻ واري درخواست رد ڪري 18 مارچ تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم برقرار رکيو ويو.

ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جا وارنٽ معطل ڪرڻ واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو ته رڳو انڊر ٽيڪنگ جي بنياد تي گرفتاري وارنٽ رد نه ٿا ڪري سگهجن،ياد رھي تھ  اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ سومر تي اڳوڻي وزيراعظم جي حاضر نھ ٿيڻ تي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ھئا. عدالت پوليس کي اڳوڻي وزيراعظم کي گرفتار ڪري 18 مارچ تائين عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو ھو.

عدالت پاران جاري ڪيل “گرفتاري وارنٽ تي عملدرآمد “ لاءِ آپريشن اڱاري جي ٻنپھرن جو شروع ٿيو، جڏهن پوليس اهلڪار بڪتربند گاڏي ۾ عمران خان جي رهائشگاهه ڏانھن روانا ٿيا،آءِجي اسلام آباد شھزاد نديم بخاري جي قيادت ۾ پوليس مزاحمت ڪندڙ پارٽي حامين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي لاءِ  واٽر ڪينن ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس استعمال ڪيو، پر پي ٽي آءِ ڪارڪنن پٿراءُ ڪيو، پوليس ٽيم آپريشن مڪمل ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو ھو. زخمي ڊي آءِ جي بخاري واضح لفظن ۾ چيو ته اسان عمران خان کي گرفتار ڪرڻ آيا آهيون ۽ اڄ ڪنهن به قيمت تي گرفتار ڪيو ويندو.

پي ٽي آءِ رضاڪاراڻي گرفتاري جو امڪان پيش ڪندي آپريشن جي پهرين مرحلي مان بچي وئي، پر اها ھڪ چال ھئي،

ڇاڪاڻ جو وقت گذرڻ سان گڏ پارٽيءَ  حامي وڌي ويا، جنھن بعد پارٽي ڪارڪنن ۽ اهلڪارن وچ ۾ ڇڪتاڻ ٻئي ڏينهن به جاري رهي ۽ پنجاب حڪومت جو چوڻ آهي ته ان  ڪارروائي ۾ 58 پوليس اهلڪار زخمي ٿي چڪا آھن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.