رتيديري ۾ وياج جا پيسا لاھڻ لاءِ ڀاءُ ڀيڻ کي وڪرو ڪري ڇڏيو، احتجاج

رتوديرو (ن ع آ) رتوديرو ۾ وياجين جو قرض لاهڻ لاءِ ڀاءَ پنهنجي ڀيڻ کي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ خلاف احتجاج  ڪري انصاف جي اپيل ڪئي آهي رتوديرو پريس ڪلب پهچي جکرا محلي جي رهواسڻ 15 ورهين جي ماريه  ڌيءُ محمد هارون ڏيٿو ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته منهنجو ڀاءُ زين ڏيٿو جنهن وياجين کان پيسا ورتا هئا جيڪي لاهڻ لاءِ هن مون کي ڪراچيءَ ۾ ڌارين وٽ چار لک روپين ۾ وڪرو ڪري منهنجي شادي به طئه ڪري ڇڏي آهي جتي رمضان جي مهيني بعد منهنجي شادي ڪرائي ويندي هن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته مون سان انصاف ڪري منهنجي ظالم ڀاءُ مان منهنجي جان آجي ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.