جيڪب آباد ۾ 2 ڀائر اغوا، عورتن ۽ مردن پاران پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

ميرپورٻرڙو/جيڪب آباد (نمائندن وٽان) مبارڪپور لڳ ميرپورٻرڙو رپورٻرڙو جي ڳوٺ رانجهاپور جي رهواسين ٻن ڀائرن ٽرڪ ڊرائيورن عبدالغفور  ٻرڙو ۽ منصور احمد ٻرڙو تنگواڻي ٿاڻي جي حد مانجھي پل اسٽاپ وٽان اغوا ٿيڻ بعد سندن گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، گھر ۾ سوڳ واري صورتحال آهي، عبدالغفور ٻرڙو ۽   منصور علي ٻرڙو جي وارثن لعل ڏنو ٻرڙو، عابد علي ٻرڙو، آصف علي ٻرڙو عورتن ۽ ٻارڙن سميت پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته اسان جا ڀائر ٽرڪ جي ڊرائيوري ڪندي گهر جو سفر گذر ڪندا هئا انهن کي نامعلوم هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن، اسان روز ڪمائي روز کائڻ وارا ڏهاڙيدار ماڻهو آهيون ڏوهارين کي رقم ڏيڻ جي سگھ ناهي اسان ڀُنگ ڪٿان ڏينداسين، هنن ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ ايٽ ڪشمور عرفان سمون کان مطالبو ڪيو ته اسان جي ٻن ڀائرن کي بازياب ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.