پريالوءِ ڀرسان شر برادري جي ڌرين ۾ خوني تڪرارن جا 2 الڳ الڳ فيصلا، 52 لک ڏنڊ

پريالوءِ (ن ع آ) پريالوءِ ڀرسان ڪوٽ مير محمد جي ڳوٺ امام بخش شر ۾ سردار شھريارخان شر جي سرپئنچي ۾ شر برادري جي ڌرين وچم هلندڙ خوني تڪرارن جا ٻه الڳ الڳ فيصلا شر برادري جي معزز شخصيت ممتاز علي شر جي اوطاق ۾  ٿي گذريا جنهن ۾ ڪچي جي علائقي ڳوٺ جواڻ شر ۾ 6 مهينا اڳ هدايت الله شر ۽ مولا بخش شر وچ ۾ ٿيل جهيڙي دوران مامي هٿان قتل ٿيل ڀاڻيجي نسيم شر ۽ زخمي اياز حسين شر واري مامري جو نبيرو ٿي گذريو جنهن ۾ ھدايت  الله شر جي ڌر مٿان 31 لک روپيا ڏنڊ پيو جنهن ۾ 4 لک رعايت باقي 27 لک ٽن قسطن ۾ ادا ڪندا ۽ ڳوٺ سوڀو خان شر ۾ 15 سال اڳ 10 سالا نينگر اياز شر پٽ مرحوم محمد حيات شر کي بيدرديءَ سان قتل ڪندڙ محبوب شر ۽ مالڪ ڏنو شر مٿان 35 لک ڏنڊ پيو جنهن نينگر جي چاچي ميانداد شر 10 لک رياعت ڏني باقي 25 لک پڻ ٽن قسطن ۾ ادا ڪندا. جنهن بعد ڌرين کي ڀاڪر پارائي کيرکنڊ ڪيو ويو. ان موقعي تي سردار شھريارخان شر سان سيد شعيب شاهه، مير ممتاز حسين ٽالپر، سيد اظهر علي شاهه، ثناءُ الله بلوچ، سيد طارق حسين شاهه، بخت علي شر، علي بخش شر، ارباب علي شر، استاد رسول بخش شر، ۽ ٻيا ڪيترائي ئي معزز  ماڻهون گڏ ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.