خيرپور: ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد ۾ حادثو، نوجوان فوت، هڪ زخمي

خيرپور (س ر) ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد ۾ قومي شاهراهه  وٽ ٻن ٽرالن جو پاڻ ۾ آمھون سامھون زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ 25 ورهين  جو نوجوان جاويد سيال تڏي تي فوت ٿي ويو، ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، اطلاع ملڻ تي ٽنڊومستي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخميءَ کي گمبٽ گمس اسپتال داخل ڪرايو، جتان پوليس ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، جڏهن ته زخمي جي سڃاڻپ سيف الملوڪ طور ٿي آھي جيڪي ٻئي پنجاب جي علائقي خانيوال جا ٻڌايا پيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.