ڪراچي (رپورٽ: مھدي بلوچ) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه ڪراچي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي سنڌ جي ساحلي ۽ جابلو پٽين سميت ٻيٽ ۽ معدنياتي وسيلا ڀڳڙن مُٺ تي وڪيا آھن. پيپلز پارٽي سنڌ لاءِ ناسور بڻجي چڪي آھي جنھن جو خاتمو لازمي آھي.
سنڌ يونائيٽڊ پارٽيءَ جو سنڌ پيدل مارچ ڪراچي پھچي ويو، پيدل مارچ 15 فيبروري تي سکر کان سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ جي اڳواڻي ۾ سنڌ پيدل مارچ سکر کان شروع ٿيندو سنڌ جي مختلف شھرن مان گزرندي سنڌ جي راڄ ڌڻي شھر ڪراچيءَ ۾ اچي پھتو.
سنڌ پيدل مارچ ڪراچي پھچندي ئي ڪارڪنن پاران اڳواڻن تي گلن جي ورکا ڪري زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
سنڌ پيدل مارچ ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ بلوچ پل کان ڦوھارا چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي جيڪا ھڪ جلسي ۾ تبديل ٿي وئي.
پريس ڪلب روڊ تي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي اڳواڻن پاران جلسي لاءِ ھڪ وڏي اسٽيج قائم ڪري شاندار جلسو ڪيو ويو جتي سنڌ يونائيٽڊ پارٽيءَ جي چيئرمين سيد جلال محمود شاھ، سنڌ يونائيٽڊ پارٽيءَ جي مرڪزي صدر سيد زين العابدين شاھ، جي ڊي اي اڳواڻ صفدر عباسي، سردار رحيم ۽ نياز ڪالاڻي به جلسي ۾ شريڪ پڻ ٿيا.
ان موقعي تي سيد زين شاھ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني خلاف لانگ مارچ ڪندڙرن کي ۽ ھن پيدل مارچ ۾ حمايت ڪرڻ وارن پارٽين ۽ ٻين ماڻھن جو شڪر گذار آھيان ۽ کين سلام پيش ڪيان ٿو.
ھن چيو ته پاڪستان ٺھڻ کان ھن وقت تائين سنڌ جي حق ۽ حاڪميت تي قبضي جي ڪوشش ٿيندي رھي آھي، ٻه هزار ست کان سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ پيپلز پارٽي سڀ کان وڌيڪ سنڌ کي نقصان ڏنو آھي.جڏھن ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت بدعنوانيءَ جا رڪارڊ توڙي ڇڏيا آھن.
ايس يو پي اڳواڻ جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي سنڌ جا ٻيٽ، ساحلي پٽيون، جابلو پٽي ريگستاني ميدان توڙي معدنياتي وسيلا ڀڳڙن مُٺ تي وڪيا ويا آھن جڏھن ته عوام کي محنت ۽ اھليت بدران رشوت طرف ڌڪي اخلاقي قدر ختم ڪيا ويا آھن.
سيد جلال محمود شاهه چيو ته ھن ملڪ ۾ ھر دفعي عجيب تجربا ۽ سازشيون ٿينديون رھيون آھن، اھڙي ريت 10 مھينا اڳ ۾ ھڪ حڪومت کي ھٽايو ويو ھو۽ ان کان پوءِ جيڪو تجربو ڪيو ويو ان جو نتيجو اھو نڪتو جو ھن مھنگائيءَ سبب ھن وقت ملڪ معاشي بدحالي جو شڪار آھي جڏھن ته ھڪ طرف معاشي صورتحال خراب آھي ته ٻي طرف دھشتگردي وڌي وئي آھي.
ھن چيو ته پيپلز پارٽي جي خاتمي سان ئي ملڪ جي طرقي ممقن آھي، پيپلز پارٽي جو خاتمو نه ڪيو ويو ته سنڌ ته ڇا پر ملڪ جو ئي خزانو ختم ٿي ويندو.
ھن وڌيڪ چيو ته ھٿرادو ٻوڏ سبب لکين گهر ۽ ڪروڙين ماڻھو متاثر ٿيا آھن پر پيپلز پارٽي جا حڪمران ھنن جي بحالي ناھي ڪرائي سگهيا جڏھن ته ٻوڏ متاثرن جي آيل امداد به ھڙپ ڪئي وئي آھي.
اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته وطن جي غلامي خلاف ويڙھ جي وڏي تاريخ آھي رڳو دعوائون ڪندڙن کي وطن جو ڪھڙو قدر ھوندو.
هنن چيو ته ٻه هزار سترهن واري آدمشماري بھتر ھئي پر ان جي مخالفت ڪئي وئي جڏھن ته ھي ڊجيٽل آدمشماري اسان جي ڳچيءَ ۾ وڌي وئي آھي. سنڌ جي وڏي وزير آدمشماري جي مخالفت ڪري ھي آدمشماري اسان جي ڳچيءَ ۾ وڌي آھي.