رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي گولڊ مارڪيٽ ۾ سون جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
سعودي پريس ايجنسي موجب گذريل ڏينهن سعودي سون جي مارڪيٽ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌارو رڪارڊ ڪيو ويو، 24 قيراط سون 239.80 ريال، 22 قيراط 219.82 ريال ۽ 18 قيراط 179.85 ريال ۾ وڪرو ٿيو.
مارڪيٽ ۾ 21 قيراط سون جو في گرام اگهه 209.83 ريال هو، جيڪو ڪاروبار بند ٿيڻ تي 203.39 ريال ۾ موجود هو.