بي انتها طاقت، وزن ۾ لاٿ ۽ دماغي سُڪون جو سولو حَل

عام طور تي خس خس کي سياري جي موسم ۾ مختلف حلون وغيره ۾ وجهي استعمال ڪيو ويندو آهي پر انکي ڪهڙي به موسم ۾ استعمال ڪجي ان جا پنهنجي جاءِ تي انوکا ۽ الڳ فائدا آهن. اڄ اسان اوهان کي خس خس جي ڪجهه فوري ۽ وڏي فائدن بابت ٻڌائينداسين جن بابت اوهان شايد ڪڏهن به نه ٻڌو هوندو.

خس خس جي غذائي اهميت

خس خس ۾ ڪيلشيم، فائبر، پروٽين، آئرن، ميگنيشيم، فاسفورس، پوٽاشيم، زنڪ، ڪاپر ۽ وٽامن اِي جهڙيون ڪيتريون ئي معدنيات ۽ وٽامنز موجود آهن.

خس خس جا فائدا

خس خس ۾ اوميگا ٿري ۽ فيٽي ايسڊز جو به ججهو مقدار موجود هوندو آهي. انکانسواءِ انکي کائڻ سان پيٽ ڀريل محسوس ٿيندو آهي ۽ بک جو احساس به ختم ٿي ويندو آهي. خس خس نه رڳو طاقت ماڻڻ جو بهترين ذريعو آهن پر اها ذهني سڪون سميت ٿڪاوٽ جي لاءِ به بهترين نسخو آهي ۽ خس خس سان وزن ۾ وڏي پيماني تي لاٿ آڻي سگهجي ٿي.

ڪيلشيم، مجگنيج ڪولاجين اقر فاسفورس هڏن جي صحت لاءِ تمام گهڻا فائديمند هوندا آهن جيڪي خس خس ۾ موجود آهن، انکي کائڻ سان هڏن جي ڪمزوري ختم ٿيندي آهي ۽ هڏن کي طاقت ملندي آهي.

خس خس ۾ لينولڪ ايسڊ به موجود هوندو آهي جيڪو دل جي صحت جي لاءِ تمام فائديمند هجي ٿو. اهو نه رڳو دل جي صحت بهتر ڪندو آهي پر ڪوليسٽرول ليول کي به گهٽائيندو آهي.

خس خس کائڻ سان دماغ ۾ فضول ٿڪاوٽ، چڙچڙاهٽ کان بچي سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.