لاڙڪاڻي پوليس پڪڙيل ڦورو ڇڏي ڏنو، متاثر جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي حقاني ڪالوني جي رهواسي روينيو کاتي جي رٽائرڊ ڪوٽوار پنهنجي پٽ سان گڏجي مبينا ڦر ٿيل رقم  واپس نه ٿيڻ پوليس جي زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي معشوق علي چيو ته مهينو اڳ مان پنهنجي جڳھه وڪرو ڪري حقاني ڪالوني ۾ ڪرايي تي گهر وٺي رهائش اختيار ڪئي آهي. رات جي وقت بااثر هٿياربندن خالد حسين سولنگي، عرفان ڀٽو پنهنجي ٻن نامعلوم ساٿين سان گڏجي گهر ۾ گهڙي سمورن گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي 30 لک روڪ روپيا ڦر ڪيا جتي مزاحمت تي اسان هڪ ڦورو عرفان ڀٽو کي سوگهو ڪري حيدري پوليس ۽ ون فائي کي فون ڪري اطلاع ڏئي کيس گرفتار ڪرايو بعد ۾ پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي پوليس ساڻ ڪري سوگهو ڪيل ڦورو کي عاقل ٿاڻي منتقل ڪرڻ لاءِ حيدري ٿاڻي تي آياسين جتي ايس ايڇ او  ڦورو کي پوليس حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن الزام لڳايو ته ايس ايڇ او حيدري سوگهو ڪيل ڦورو کان ٻه لک روپيا وٺي کيس ڇڏي ڏنو، ڊي آءِ جي نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.