ڪنڌ ڪوٽ (ڊ ر ) جيئي سنڌ محاذ جي گڏجاڻي جسم آفيس ۾ گھايل سنڌي ، ڪامريڊ عباس باجڪاڻي جي صدارت ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت، انھي موقعي تي امن امان جي صورت حال خراب ھجڻ ۽ ضلعي ۾ قبائلي تڪرارن جي خاتمي لاء احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي اڳواڻن چيو ته قبائيلي تڪرارن جي ڪري سنڌ تباھ طرف وڌي رھي آهي اسان جي ضلعي ۾ ڪيترن ھي برادرين۔ ۾ خوني تڪرارن سبب بي گناھ انسانن جو قتل عام ٿي رھيو آهي جنهن جي خاتمي لاء سڀني ڌرين کي ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي امن امان خراب ھجڻ ڪري معاشي نقصان پڻ ٿي رھيو آهي.