اوٻاوڙو هندو پئنچائت هال ۾ مڱڻي تقريب بعد هال کي باهه

اوٻاوڙو (  رپورٽ : عبدالحئي ڇڄڻ ) اوٻاوڙو پراڻي بازار ۾ اقليتي برادري جي هندو پنچائت هال ۾ گذريل رات دير سان مڱڻي جي تقريب ٿي گذري  پروگرام ختم ٿيڻ کانپوءِ هال کي تالو هڻي بند ڪيو ويو رات دير سان ڪجهھ اڻڃاتل شرپسندن ڄاڻي واڻي هال کي باھ ڏئي ڇڏي جتي لکين روپين جو فرنيچر ٽينٽ جي سامان سميت حال ۾ پيل سموو سامان سڙي رک ٿي ويو ان موقعي تي ھندو برادري جي ماڻھن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اوٻاوڙو ۾ بدامني وڌي وئي آھي ڪجھه شرپسندن باھ ڏئي اسان جو وڏو مالي نقصان ڪيو آهي ۽ اسان جي شهر جو امن تباھ ڪيو پيو وڃي جيڪا هڪ وڏي تشويشناڪ صورت حال آهي انتظاميان کي تحرڪ ۾ اچڻ گهرجي ۽ شرپسند ماڻهن خلاف سخت قانوني ڪاروائي اسان کي انصاف ۽ تحفظ فرھم ڪرڻ گھرجي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.