نوابشاهه ۾ سانگهڙ واسي جو احتجاج، زمين تي قبضي جو الزام

نوابشاهه(بيورو رپورٽ) سانگهڙ جي ديهه سدرٽ جي رهواسي مسڪين آبادگار محمد سليم ولد محمد ٻڍل ڀٽي نوابشاهه پريس ڪلب پهچي  ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته مون گل حسن پٺاڻ کان 16 ايڪڙ زرعي زمين 70 لک روپين ۾ خريد ڪئي جنھن کي مختيار ڪار ڪليئر قرار ڏنو. هن چيو ته سمورا معاملا صاف سٿرا طئي ٿيڻ کانپوءِ جڏهن مان زمين جي حد بندي لاءِ تپيدار علي اڪبر ڪنڀر وٽ ويس ته انهي مونکي سموري ادائيگي ڪرڻ جي باوجود اهو چئي حد بندي کان انڪار ڪيو ته مذڪوره زمين گل حسن پٺاڻ جي نه آهي هن چيو ته هاڻ پيسا به ويا ۽ زمين به مونکي نٿي ڏني وڃي محمد سليم ڀٽي سنڌ جي وڏي وزير، روينيو کاتي جي صوبائي وزير ۽  سيڪريٽري ۽ ڪمشنر شهيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ته ساڻس بد ديانتي ڪندڙ حد جي تپيدار اڪبر ڪنڀر، سپروائيزر محمد ايوب وساڻ لاڳاپيل ڪلارڪ بابو مالهي، مختيار ڪار محمد يونس بلوچ ۽ اسٽيٽ ڪمشنر علي ذوالفقار ميمڻ خلاف اعليٰ سطحي صاف شفاف انڪوائري ڪرائي کيس سندس خريد ڪيل زمين ڏياري وڃي يا سندس ڏنل پيسا واپس ڪرائي کيس انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.