ميرپور ٻرڙو لڳ سڱاوتي تڪرار تان بيواهه تي تشدد، احتجاج

ميرپورٻرڙو (ن ع آ )  ميرپورٻرڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ سوڍو ڀٽي ۾ سڱاوتي تڪرار تان ڀٽي برداري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو لٺيون سروٽا لڳڻ سبب محمد رحيم ڀٽي،محمد ڪريم ۽ بيواھ عورت زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي عورت احتجاج ڪندي چيو ته  محمد مراد، شدو ،اسد ٽنھي جوابدارن اسان جي گھرن گھڙي اسان  مٿان لٺيون سرون ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جوابدار بااثر ھجڻ جي ڪري ميرپورٻرڙو پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري ۽ جوابدار اسان کي پڻ ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ته اسان اوھان کي ماري ڇڏينداسين، ايس ايس پي جيڪب آباد سمير نور چنا تحفظ ڏئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.