ميهڙ ۾ پ ٽ الف پاران استادن کي اپگريڊ نه ڪرڻ، جبري بدلين ۽ نون ڀرتي ڪيل استادن کي پگهارون جاري نه ڪرڻ خلاف اٺين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو ويو
استادن مطلوب ناريجو، ابراهيم جهتيال، طاهر ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي اسڪول وقت کانپوءِ اٺين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪري بک هڙتال جاري رکي
ان موقعي تي استادن عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته دادو ۾ تعليم کاتي جي نااھلي سبب استادن جا مسئلا حل نه پيا ٿين آفيسرن جي لاپرواھي ۽ ڪرپشن سبب استادن جي اپگريڊيشن وارو ڪم رولڙي جو شڪار آھي
هنن چيو ته استادن جون جبري بدليون ڪري کين پريشان ڪيون پيو وڃي، جيستائين استادن جي اپگريڊيشن، نون ڀرتي ڪيل استادن کي پگھارون جاري نه پيون ٿين تيستائين احتجاج جاري رھندو.
ميهڙ: پ ٽ الف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ اٺين ڏينهن به بک هڙتال جاري
You might also like