لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين عمران خان لاءِ نعرا هڻندڙ ڪنوار جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار کي پنهنجي ڪٽنب سان تصويرون ڪڍرائيندي ڏسي سگهجي ٿو. فوٽو ۽ وڊيو سيشن ۾ ڪنوار عمران خان جي حق ۾ نعرا هڻڻ شروع ڪيا.
دلہا اور دلہن نے خاندان کے ہمراہ فوٹو سیشن میں ‘ کون بچائے گا پاکستان عمران خان عمران خان ‘ کے نعرے لگا دئیے۔ pic.twitter.com/nZzsDiM5Bq
— Ikram Raja (@ikramraja_92) March 18, 2023
لاهور ۾ ٿيل شادي جي تقريب ۾ ڪنوار ”پاڪستان ڪير بچائيندو، عمران خان، عمران خان“ جا نعرا هنيا، شادي ۾ شريڪ ماڻهن سندس ڀرپور ساٿ ڏنو.
ان دوران گهوٽ مسڪرائيندو رهيو. ڪنوار جي وڊيو کي هزارين ماڻهن ڏٺو ۽ پسند ڪيو آهي.