ڪراچي(رپورٽ محمد علي نقرچ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ادارا، انتظاميا ۽ عدليه آئيني دائري ۾ رهي ڪم ڪن ۽ هڪٻئي جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪن ته ملڪ ترقي ڪري ويندو، هڪٻئي جي ڪم ۾ مداخلت سان ملڪ جي حقيقي ترقي متاثر ٿيڻ سان گڏ بگاڙ جنم وٺندو آهي، اهڙو اظهار هن ڪالهه اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ اسيمبلي جي پري بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته صوبائي اسيمبلي قانونسازي ذريعي گمبٽ انسٽيٽيوٽ جو نالو تبديل ڪري پير عبدالقادر شاهه جيلاني انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز رکيو پر عدالت ان کي ڪالعدم قرار ڏنو آهي، ان خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وينداسين، عدالتون اهڙي قانونسازي کي ڪالعدم قرار نه ٿيون ڏئي سگهن. هن چيو ته معزز جج چيف سيڪريٽرين، آءِ جيز ۽ ٻين آفيسرن کي طلب ڪن پيا، ۽ ڌمڪي ڏين پيا ته هو حڪمن تي عمل ڪن نه ته سندن وزيراعليٰ کي گهرايو ويندو، اهو ڪو طريقو نه آهي، اها ايگزيڪيوٽ جي معاملن ۾ مداخلت آهي، هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جهڙن ليڊرن سان عمران خان کي ملائڻ ملڪي تاريخ ۽ بهادر ليڊرن سان ناانصافي هوندي، عمران خان پاڻ بچائڻ لاءِ معصوم شهرين کي ڍال بڻائي رهيو آهي، هن وٽ ڪو به عقل نه آهي، مراد علي شاهه پري بجيٽ تي ڳالهائيندي چيو ته پري بجيٽ جو مقصد اسيمبلي ميمبرن جي تجويزن کي شامل ڪرڻ آهي، ڪجهه ميمبرن تجويزون ۽ تڪن جا مسئلا پيش ڪيا آهن، انهن کي غور ڪيو ويندو، هن چيو ته ميمبرن ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي اغوا واقعن تي ڳالهايو، سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي سرحدن تي ڌاڙيلن جا مسئلا آهن، ان حوالي سان بلوچستان ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن سان ڳالهايو آهي، جئين گڏيل آپريشن لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ خاطر اجلاس ڪجي پر اهو نه ٿي سگهيو آهي، ان ڪري فوج، انٽيليجنس ادارن ۽ پوليس جي مدد آپريشن ڪرڻ لاءِ تياريون جاري آهن، هن چيو ته تازو آيل ٻوڏ معشيت کي تباهه ڪيو آهي، ان ڪري حڪومت ڪفايت لاءِ قدم کنيا آهن، 148 ارب رپين جي آپريٽو خرچن واري بجيٽ مان صرف 80 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا آهن، حڪومت گهڻو توجه ترقياتي ڪمن تي ڏئي رهي آهي، وڏي وزير پري بجيٽ بحث دوران ميمبرن جي تجويزن تي غور لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪومنظور ڪيو ويو، ان بعد اجلاس ملتوي ڪيو ويو.03