من موهڻي اداڪارا ماورا حسين به قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي حق ۾ سامهون اچي وئي.
ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي ماورا حسين لکيو ته ميڊيا تي هڪ صحافي وري نامناسب رويو اختيار ڪري رهيو آهي، ٽيم کي اڪيلو ڇڏي ڏيو، اهي توهان جي خيال کان وڌيڪ متحد آهن ۽ ان ڪرڪيٽر جو احترام ڪرڻ سکو، جنهن جي سامهون دنيا جهڪي رهي آهي.
Just like most of the media.. a journalist yet again being inappropriate…
leave the team alone.. they’re more United than you think.. & learn to respect the cricketer the world is bowing down to! MashaAllah! #Legend #paksitancricketteam https://t.co/D6lx2H7KO0— MAWRA HUSSAIN (@MawraHocane) March 16, 2023
واضح رهي ته ماورا جو اهو ٽوئيٽ ان تازي پريس ڪانفرنس جي جواب ۾ هو، جنهن ۾ بابر اعظم جو ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان طور حوالو ڏنو ويو هو.
گذريل ڏينهن اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتان شاداب خان ميچ کانپوءِ ڪانفرنس ۾ پشاور زلمي ۽ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي صحافي طرفان اڳوڻو ڪپتان چوڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو هو ته هو هاڻ به ٽيم جو ڪپتان آهي ۽ رڳو هڪ سيريز لاءِ آرام ڪري رهيو آهي.