اسان جي سماج ۾ زال ۽ مڙس جي جنسي لاڳاپن تي کليل نموني ناهي ڳالهايو ويندو، جنهن سبب ٻئي ڏکيائين کي منهن ڏيندا آهن، انساني ۽ سماجي ضرورت جي ان معاملي تي ڳالهائڻ کي بُرو سمجهيو ويندو آهي.
گهٽ علمي سبب ڪڏهن ڪڏهن زال مڙس يا مڙس زال کي مطمئن ناهي ڪري سگهندو، جنهن سبب ٻنهي ۾ وٿي اچي ويندي آهي، جڏهن ته تقريبن معاملن جا حل موجود هوندا آهن پر گهڻن مسئلن جو واسطو جسماني نه دماغ سان هوندو آهي.
خاص طور تي عورتن جو شادي جي رات کان جيڪو سفر شروع ٿيندو آهي، اهو ٻار جي پيدائش تائين جاري رهندو آهي، جنهن دوران ان جي دل ۾ ڪيترائي سوال پيدا ٿيندا آهن پر اسان جو معاشرو انهن مسئلن تي ڳالهائڻ کي سٺو ناهي سمجهندو ۽ پوءِ اهي ئي سوال يا مسئلا وڌي وڻ ٿي ويندا آهن.
جسماني لاڳاپا قائم ڪرڻ عورتن لاءِ به ضروري آهي، جيڪڏهن توهان پنهنجي گهرواري سان سٺو جسماني تعلق رکڻ چاهيو ٿا ته هيءَ تحرير ضرور پڙهو.
مخصوص طبقو سمجهي ٿو ته جسماني تعلق حقيقت ۾ مڙس جي خدمت آهي، ڇو ته ان سبب ئي ٻار جنم وٺندو آهي، عورت کي جسماني لاڳاپي جي ضرورت رڳو ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ آهي ۽ جيڪڏهن هوءَ پاڻ پنهنجي مڙس سان جسماني لاڳاپو قائم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ته ان کي بدڪردار سمجهيو ويندو آهي، جيڪو غلط ۽ انتهائي ناانصافي آهي، توهان کي سمجهڻو پوندو ته عورت جي ان ضرورت بابت سائنس ڇا ٿي چئي.
- جسماني لاڳاپا قائم ڪرڻ سان عورتن جا هارمونز متوازن رهندا آهن، نه رڳو اهو پر جسماني بيمارين کان بچاءُ ٿيندو آهي ۽ انهن جو مزاج به بهتر ٿيندو آهي، ان ڪري جسماني لاڳاپا قائم ڪرڻ خراب نٿو ٿي سگهي.
- جنسي خواهش رکڻ انهن جي پنهنجي مرضي، خواهش يا جسماني لذت به ٿي سگهي ٿي، اهي پنهنجي خوشي لاءِ به اهڙو ڪجهه ڪري سگهن ٿيون.
- عورت کي پنهنجي خانداني ذميواري پوري ڪندي ٻارن کي جنم ڏيڻ جي خواهش به جسماني لاڳاپن طرفان ڇڪيندي آهي.
- جسماني لاڳاپا قائم ڪرڻ سان عورت کي سٺي ننڊ ايندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن ننڊ نه اچڻ سبب ٿيندڙ بيچيني کي پاڻ به ناهي سمجهي سگهندي، اها بيچيني ختم ڪرڻ لاءِ سڪون جي ڳولا ۾ هوندي آهي ۽ اتي ئي کيس جسماني لاڳاپا ٺاهڻ جي ضرورت هوندي آهي، جنهن جو ان کي فائدو ٿيندو آهي، مردن سان به ائين ئي ٿيندو آهي.
- سائنس زور ڏئي ٿي ته جڏهن توهان دٻاءَ ۾ هجو ته پوءِ جسماني لاڳاپا ضرور قائم ڪيو، ڇو ته جنسي خواهش پوري ٿيڻ تي دٻاءُ ختم ٿيندو آهي ۽ عورت پنهنجو پاڻ کي انتهائي پرسڪون محسوس ڪندي آهي.
- جڏهن توهان زال تي پنهنجو حق استعمال ڪندا آهيو ته ان کي سٺو لڳندو آهي، جڏهن توهان ٻاهر گهمندي ان کي ٻين کان بچائيندا آهيو ته ان کي توهان سان گڏ محفوظ هجڻ جو احساس پيدا ٿيندو آهي ۽ اهو ئي ان جي جنسي خواهش کي جنم ڏيندو آهي.
- جڏهن توهان پنهنجي گهرواري جي عزت ڪندا آهيو، پنهنجي گهروارن سامهون ان جي تعريف ڪندا آهن، ان جون جائز خواهشون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو، ڪم دوران ان کي فون ڪري حال حوال پڇندا آهيو، جڏهن هوءَ تيار هوندي آهي ته ان جي تعريف ڪندا آهيو ته ان ۾ جنسي لاڳاپن جي خواهش وڌندي آهي ۽ هر ڀيري تعلق بڻائڻ باوجود ان کي کوٽ محسوس ٿيندي آهي.
عورت پنهنجي خواهش رکي سگهي ٿي ۽ ان جي خواهش جو احترام ڪرڻ گهرجي، جيئن مرد جي دل جنسي لاڳاپا چاهيندي آهي، ائين ئي عورت به انسان آهي، الله ان کي به ان قسم جون خواهشون عطا ڪيون آهن، جيڪو اسان جي قدرتي نظام جو حصو آهي ته مرد کي گهرجي جنسي ميلاپ دوران اهو به ڏسي ته گهرواري ڪهڙي حرڪت تي وڌيڪ لطف اندوز ٿي رهي آهي، جيڪڏهن توهان رڳو پنهنجي ئي خواهش پوري ڪري پري ٿي ويندئو ته اها جسماني وٿي مڪمل وٿي ۾ تبديل ٿي ويندي، جنسي لاڳاپو زال مڙس وچ ۾ هڪ خوبصورت تعلق آهي ۽ ان تعلق کي عزت سان ڏسڻ گهرجي.