جوهي جي ٻوڏ متاثرن جي واهر لاءِ بنگلن جا دروازا به بند،ٻارين ٻچين احتجاج

جوهي (رپورٽ:ايم اسماعيل پيرزادو) جوهيءَ ۾يوسي ڪمال خان جي ڳوٺ غلام محمد ڪرمياڻي لنڊ جي ٻوڏ متاثرن واهر نه ٿيڻ تي ٻئين  ڏينهن به ڊي سي دادو ۽ سماجي تنظيمن  خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.ان موقعي تي گوهر خاتون، نوران، حاجران، غلام حسين، بشير، الهڏنو، امام بخش، رمضان، نصير، ايوب ۽ وزير لنڊ دانهيو ته اسان کي حڪمران ڌر هٿ وٺي ٻوڙائي ٻاهرين ملڪن کان ڊالر ڪمايا، اڃا تائين فارين فنڊنگ هلندڙ آھي پر اسان کي هڪ رپيو به ناهي مليو.هنن چيو ته ٻار بکن ۾ ڪوڪون ڪري رهيا آھن، 50 گهرن تي ٻڌل ڳوٺ ۾ ھڪ به متاثر کي ٽئنٽ ۽ راشن نه مليو.هنن چيو ته اليڪشن کان اڳ هنن کي اسان جو ڳوٺ ياد هو، هاڻي امداد گهرڻ تان هنن اسان لاءِ پنهنجن بنگلن جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. هنن چيو ته پ پ ۾ وڏيرا شاهي فرمان هلي رهيا آھن، اين جي اوز وارا به عوام دشمن وڏيرن جي اوطاقن ۾ ويهي سرندي وارن کي نوازي اسان کي نظر انداز ڪن ٿا. هنن چيو ته ٻوڏ سبب بيماريون ڦھليل آھن، هر گهر اندر انسانيت بغير علاج جي تڙپي رهي آھي، صحت کاتي طرفان ڪا به سهولت ناهي.هنن مطالبو ڪيو ته يوسي ڪمال خان ۾ امدادي راشن ۾ ٿيل بد عنوانين جي شفاف انڪوائري ڪرائي ملوث اين جي اوز جي رجسٽرين ختم ڪري اسان سان انصاف ڪيو ڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.