ملڪ ۾وڌندڙ مهانگائي ۽ بدامني خلاف ليفٽ فرنٽ الائينس جو ڏوڪري ۾ احتجاج

ڏوڪري (ن ع آ)  ڏوڪريءَ ۾ ليفٽ فرنٽ الائنس طرفان مھانگائي، دھشتگرد ۽بدامني خلاف ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي  صوبائي صدر گلاب پيرزادو، ھاري ڪاميٽي لاڙڪاڻي جي صدر ڪامريڊ عاجز ماڇي، غلام حسين مقول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نڪتل احتجاجي ريلي علي پارڪ کان ڏوڪري پھتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پاڪستاني رياست جي سامراج دوست ۽ عوام دشمن معاشي پاليسين ملڪ کي مڪمل طور تباهيءَ ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي، ملڪ جو اڪثريتي پورهيت طبقو سندن ظلم ڦرلٽ ۽ سياسي عتاب جو شڪار ٿيندو رهيو آهي. هاڻي ته صورتحال اها آهي ته ملڪ ڊيفالٽ ڪري چڪو آهي، اهڙي وقت سامراجي مالياتي ادارا خطرناڪ ۽ عوام دشمن شرطن تي قرض ڏيڻ لاءِ تيار آهن. اڄڪلھ ان سلسلي ۾ آءِ ايم ايف جو وفد پاڪستان سرڪار سان ڳرا شرط طئي ڪرڻ پهتو آهي، انهن شرطن کانپوءِ ملندڙ قرض به ڪاروباري جنرلن، ۽ مافيائن جي سرپرستي ڪندڙ حڪومتي لڏو پنهنجا ڀڀ ڀريندو.ھنن مطالبو ڪندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان عوام دشمن معاھدا ختم ڪري ڪري ملڪ جي قومي صنعتي ادارن جي نجڪاري نه ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.