سنڌ جا اجڙيل قومي ورثا، ذميوار ڪير؟

غلام حسين لغاري

اسانجي هڪ صحافي دوست سنڌ صحافي سنگت جي باني چيئرمن محترم نور سنڌي هڪ پوسٽ وسيلي صدا هنئي آهي ته ،آهي ڪو ٻانهو جيڪو کيس چين گهمائي اچي. مون کس هن ريت جواب ڏنو ته چين سن کان اولهه طرف ڪجهه مفاصلي تي آهي، جتي رني ڪوٽ ۾ ديوار چين جهڙي بلڪه ان جهڙي ئي ان کان وڌيڪ تاريخي ڀت آهي، جيڪا ڏسي چين جون سڪون لاهي سگهجن ٿيون.سنڌ تاريخ تمندن ۽ ثقافت جي لحاظ کان چين ۽ دنيا جي ڪنهن به ملڪ کان گهٽ ناهي جو چين وڃڻ جو سوال ڪجي يا صدا هڻجي.

تازو سگا ڪراچي چيپٽر پاران رني ڪوٽ تي هڪ ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو جنهن ۾ رني ڪوٽ جي اهميت تاريخ ۽ انجي وجود تي مشهور اسڪالرن خطاب ڪيو.شرڪت ڪندڙن کي قلعي ۽ ديوار جو دورو ڪرايو ويو، بلڪه مانجهاندو به ڪرايو جنهن لاءِ سنڌ جي انتهائي معتبر، ناليواري صحافي، ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ علي محمد ميمڻ ماتلي واري جي ڪردار ۽ خدمتن کي وساري نٿو سگهجي جنهن سياري جي هن سخت سرد موسم ۾ تاريخدانن محققن ۽ تاريخي ورثن ۾ دلچسپي رکندڙن کي ڪٺو ڪيو.اهڙا ميڙاڪا ۽ سيمينار سنڌ جي ٻين تاريخي ورثن تي به ٿيڻ گهرجن.ڪجهه عرصو اڳ ڀنڀور تي به هن قسم جو ميڙاڪو سيمينار جي صورت ۾ ٿي گذريو آهي جنهن کانپوءِ سنڌ جي تاريخي ورثن جي اهميت وڌي.دنيا جا ماڻهو سنڌ جي تاريخي ورثن تي اچڻ شروع ٿيا.

سنڌ بادشاهي قلعن ۽ دڙن سان ڀري پئي آهي، جيڪي قلعا برطانيه جي ونڊسر سميت دنيا جي بادشاهي قلعن جي مقابلي ۾ گهٽ ناهن. فرق صرف اهو آهي جو اسانجي ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ جي قلعن جو ڪو به والي وارث ناهي، جنهنڪري اهي انهي ڪري به تباهه حال آهن جو هڪ ته قلعا تباهه حال آهن، ٻيو ته قلعن تائين ڏيهي توڙي پرڏيهي سياحن جي پهچ ۾ دشوارين آهن.امن امان جو به مسئلو آهي. هڪ پڪا ته رستا ناهن ٻيو ته اتي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ لاءِ انتظام ناهن ٿيل، نه وري آرڪيالاجي ۽ ثقافت کاتي پاران اتي رهنمائي ڪندڙ يا قلعن جي وجود ۽ تاريخ بابت ڄاڻ پهچائيندڙ عملو موجود آهي.

رني ڪوٽ کير ٿر جبلن جي ڪڇ ۾ سنڌ جي سمورن قلعن جو خود بادشاهه قلعو آهي، جتي ڏيهي توڙي پرڏيهي سياح اڙانگا سفر ۽ ڪشالا ڪٽي ايندا رهن ٿا.يونيسڪو هن تاريخي قلعي کي دنيا جو سڀ کان وڏو قلعو قرار ڏنو آهي پر وفاقي توڙي سنڌ جو صوبائي آرڪيالاجي ۽ ثقافت وارو کاتو هن قلعي جي اهميت کان شايد ئي بي خبر آهي جو انجي پوري ريت مالڪي ناهي.ٿي سگهي ته هي قلعو پنهنجي اهميت ۽ تاريخ وڃائي ويهي جنهن کي برقرار رکڻ جي اشد ضرورت آهي.

سن کان ڪجهه پنڌ تي آمري واري تاريخي دڙي جا هن وقت به آثار موجود آهن پر انهن جي ڪنهن به قسم جي حفاظت ناهي ٿي سگهي سواءِ اتي قائم ٿيل هڪ بي اثر عجائب گهر جي.آمري جي هن تاريخي ورثي تي قبضا ٿيل آهن، ڪٿي ڪٿي ته دڙن جي هنڌن تي سم نالا روڊ تعمير ٿي چڪا آهن يا وري مقامي ماڻهن جي قبضن هيٺ اڏاوتون آهن.  سيوهڻ جو قلعو، منڇر ڍنڍ، خداآباد واري بادشاهي مسجد، موهن جو دڙو، ڪوٽڏيجي قلعو، سکر ويجهو بکر قلعو،محمد بن قاسم جي مسجد، سڪرنڊ لڳ دليل ديرو وارو قلعو،برهمڻ آباد،مياڻي ٻيلو( جنگ ۾ مري ويل انگريزن جا يادگار) ،پڪو قلعو (نيرون ڪوٽ) ڪچو قلعو، عمرڪوٽ،نئون ڪوٽ، ڀنڀور ڪوٽ، منهوڙو قاسم ڪوٽ ،سميت مختلف قلعا،ميرن ۽ ڪلهوڙن جا مقبرا ۽ قبرستان،ميرپورخاص لڳ ڪاهو جو دڙو. مطلب ته سنڌ پوري طرح تاريخ تمدن ۽ ثقافت سان ڀري پئي آهي، جنهن جي مالڪي ناهي. اهي ورثا،جايون هنڌ دڙا صرف ڪتابن تائين محدود ٿي چڪا آهن.

گذريل سالن ۾ سنڌ ۾ پيل برساتن ۽ آيل ٻوڏن سبب به سنڌ جي هنن تاريخي ورثن کي هاڃيڪار نقصان رسيو آهي جنهن سان به قومي ورثا پنهنجو وجود وڃائي رهيا آهن.خداآباد جهڙي تاريخي هنڌ جيڪو سنڌ جو ڪنهن دور ۾ گادي وارو هنڌ رهيو آهي ان شهر ٻاهران ڪوٽ هوندو هو جنهن جا آثار به هن وقت ڊهي پٽ ٿي چڪا آهن.مسجد ۽ يار محمد ڪلهوڙي جي مزار ۽ اتان جو قبرستان به ميسارجي رهيو آهي پر سنڌ سرڪار کي ڪنهن به قسم جو اونو ناهي.

بدين ضلعي جي اگهم ڪوٽ وارو تاريخي قبرستان جتي چيو وڃي ٿو ته امام حضرت محمد موسيٰ ڪاظم ع جي ڀيڻ بيبي ماهم جي قبر به دريافت ٿي آهي.هتي به اولياءِ الله جا مقبرا آهن، جتي به آئي ڏينهن سوين مومن حاضري ڀرڻ لاءِ وڃن ٿا، اهو قبرستان به ميسارجي چڪو آهي جنهن جي به حفاظت انتهائي ضروري آهي.هتي زائرين جي آرام ۽ پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست ٿيڻ گهرجي.

گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وفاق توڙي سنڌ جون وقت جون حڪومتون هر سال هنن تاريخي هنڌن جي اوسر لاءِ ڪروڙين رپيا مخصوص ڪندي رهي آهي، انجا وزير سنڌ جي قومي ورثن جي حفاظت ۽ سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ اعلان ته ڪندا آهن پر اهي اعلان، اعلان ئي رهجي ويندا آهن ۽ قومي ورثا به ڏينهون ڏينهن تباهه ٿيندا هن زمين تان پنهنجو وجود وڃائي رهيا آهن، جنهن سان سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ کي وڏو ڪاپاري ڌڪ پهچندو.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي قومي ورثن کي محفوظ رکڻ لاءِ انهن جي حفاظت ۽ عوام جي آگاهي جا منصوبا رٿيا وڃن جنهن لاءِ قومي ورثن جي سروي ڪرائي صورتحال معلوم ڪئي وڃي. اتي يا انجي ڀر وارن موزون هنڌن تي ريسٽ هائوسز ۽ پڪا رستا تعمير ڪيا وڃن، هر هفتي سستيون ٽوئرسٽ بسون هلايون وڃن ته جيئن سنڌ جو نسل اتي آساني سان اتي پهچي سگهي ۽  پنهنجي تاريخ ۽ قومي ورثن کان آگاهه ٿي سگهن. سنڌ سرڪار کي منافعو به ملندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.