خان پور/لکي غلام شاهه (رپورٽ:عاصم دايو+نديم جان مهر ) رستم ڀرسان ڪارنهن جي تڪرار گلن جهڙي ٻار کان حياتي کسي ورتي.رپورٽ موجب رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ حبيب ڪمالاڻي جتوئيءَ ۾ عطراڻي ۽ ڪمالاڻي جتوئين جي ڌرين ۾ ڪارنھن جي پراڻي تڪرار تان جھيڙي دوران فائرنگ ۾ 6 سالن جو طالب پٽ مور ڪمالاڻي قتل ٿي ويو، پوليس مقتول نينگر جو لاش خان پور اسپتال کڻائي آئي، جتي ڪو به ڊاڪٽر موجود نه ھو، وارث ٻار جو لاش کڻي ٻي اسپتال پهتا، جتي پڻ ڊاڪٽر ۽ عملو موجود نه هئڻ سبب پوليس پنھنجي ڪارروائي اسپتال ۾ موجود عملي کي لکي ڏني. اسپتال ۾ موجود نينگر جي وارث عورتن صحافين کي ٻڌايو ته ٻنيءَ تي ڪم ڪري رھيا ھئاسين ته عطراڻي جتوئين حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنھن ۾ ٻارڙو طالب قتل ٿي ويو.ياد رهي ته ڌرين ۾ ڪجهھ عرصو اڳ فيصلو به ٿيو ھو پر عمل نه ٿيڻ سبب ھڪ ڀيرو ٻيھر ڌريون ھڪ ٻئي تي حملا ڪري ھڪ ٻئي جا ماڻھو ماري رھيون آھن، فيصلي کان پوءِ به جهيڙيندڙ ڌرين جا 10 ماڻھو قتل ٿي چڪا آھن ۽ ڌريون بدستور مورچابند بڻيل آھن.