پنجاب،ڪي پي ۾ چونڊن جي تاريخ بابت ڪو فيصلو ناهي ڪيو: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۽ پنجاب اسيمبلين جي اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ بابت فيصلو نه ڪيو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي صوبن جي گورنرز کي به ان حوالي سان خط لکڻ جو فيصلو نه ڪيو ويو آهي.الڪيشن ڪميشن موجب ونگ جي حوالي سان گردش ڪندڙ خبرون بي بنياد آهن.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته گورنرز طرفان پولنگ جي تاريخ نه ملڻ تي اليڪشن ڪميشن طرفان پاڻ  پولنگ جو اعلان ڪرڻ وارين خبرن ۾ ڪا به سچائي نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.