لاهور ( م ڊ ) پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ کان اڳ نواز شريف فيصلو ڪري ته الزام لڳائڻو آهي، سياسي پلاند وٺڻو آهي يا شرڪت جي دعوت ڏيڻي آهي.هن هڪ پاسي حڪومت آل پارٽي ۾ شرڪت جي دعوت ڏئي رهي آهي ٻئي پاسي تحريڪ انصاف خلاف ڪوڙا ڪيس، ڪردار ڪشي، ڪارڪن کي ڌمڪيون ڏيڻ جو سلسلو به جاري آهي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته کيس وزيراعظم جي بي حسي نظر اچي رهي آهي جڏهن ته پوري صوبي ۽ قوم تي سوڳ جي لهر ڇانيل آهي.هن چيو ته مان شهباز شريف کان سوال ڪيان ٿو، اسان حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، ڇا اوهان به تيار آهيو؟ اوهان جي دور ۾ پنجاب ۾ جيڪي عدالتن کان مٿانهان قتل ٿيا ان جو حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهيو؟.شاهه محمود قريشي چيو ته جڏهن کان سازش ۽ مداخلت ذريعي سندس حڪومت ختم ڪئي وئي، تڏهن کان دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌ آئي آهي.هن چيو ته ماڻهو ان جو ذميوار پي ٽي آءِ کي قرار ڏئي رهيا آهن پر هُن چيو ته ڇا نواز شريف 2013ع ۾ سڀ کان پهريان ٽي ٽي پي سان ڳالهين جي شروعات نه ڪئي هئي جن جي ناڪام ٿيڻ کانپوءِ ضربِ عضب شروع ڪيو ويو.هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ ڪڏهن به قانوني گهرجن کان هٽي ڪري يا پاڪستان جي آئين ۾ موجود شقن جي خلاف ويندي ويڙهاڪن سان ڳالهين جو نه سوچيو هو.