اسلام آباد(م ڊ)واپاري تنظيمن 13 فيبروري تي ملڪ گير هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو، اسلام آباد ۾ مرڪزي تنظيم تاجران جي چيئرمين ڪاشف چوڌري ۽ صدر خواجا سلمان صديقي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته چارٽر آف اڪانومي اڻٽر آهي، حڪومت جي ڊالر کي ڪنٽرول ڪرڻ جي پاليسي ناڪام ٿي چڪي آهي، اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختياري جو مطلب آءِ ايم ايف کي ڪنٽرول ڏيڻ آهي، هنن چيو ته ملڪ ۾ واپاري ۽ عوام مهانگائي سبب پريشان آهي، قوت خريد ختم ٿي چڪي آهي، حڪمران اقتدار بچائڻ ۾ پورا آهن،واپارين وزيرن، اعليٰ عهديدارن سميت ارباب اختيار جون پگهارون ۽ مراعتون ختم ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو
اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم ايف پاڪستاني معيشت لاءِ وڏن خطرن جي نشاندهي ڪري ڇڏي،پاڪستان عالمي مالياتي اداري کي 300 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي، ذريعن موجب آءِ ايم ايف معاشي سڌارن ۾ دير، قرضن، مهانگائي ۾ واڌ، ناڻي مٽاسٽا ذخيرن ۾ گهٽتائي کي پاڪستاني معيشت لاءِ خطرو قرار ڏنو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي موجوده معاشي ۽ مالي ڏکيائين جو وڏو سبب قرض پروگرام تي اثرائتو عمل نه ٿيڻ آهي.ذريعن موجب حڪومت آءِ ايم ايف کي ايندڙ هفتي روينيو وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي خاطري ڪرائي آهي، جنهن ۾ سگريٽن ۽ فضائي ٽڪيٽ تي ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته فضائي ٽڪيٽ تي 17 سيڪڙو فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي ۽ مهانگن سگريٽن تي 50 پئسا في اسٽڪ ايڪسائز ڊيوٽي وڌائڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته انرجي ڊرنڪس تي ٽيڪس وڌائڻ ۽ بئنڪن جي آمدني تي ليوي لڳائڻ جي تجويز آهي.ذريعن موجب پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي ۾ وڌيڪ واڌ ڪري ان تي 17 کان 18 سيڪڙو جي ايس ٽي جي به تجويز آهي، جڏهن ته پاڪستان جي معاشي ٽيم جي عالمي مالياتي فنڊ مشن سان تفصيلي ڳالهين ۾ ڪيترن ئي معاملن تي اڳڀرائي ٿي آهي، ذريعن مطابق توانائي شعبي ۾ ڪسان پئڪيج، بلوچستان ٽيوب ويل ۽ اي جي ڪي تي سبسڊي برقرار رکڻ تي تيار آهي جڏهن ته ايڪسپورٽرن کي توانائي جي سبسڊي ختم ٿيندي، ذريعن ٻڌايو ته محصولن ۾ شارٽ فال تي اختلاف برقرار آهي، آءِ ايم ايف سمجهي ٿي ته محصولن جو شارٽ فال 840 ارب رپيا آهي، پاڪستاني اختيارين مطابق شارٽ فال 400 کان 450 ارب رپيا هوندو، ناڻي وزارت جي اختيارين مطابق محصولن جي شارٽ فال لاءِ قدم به تجويز ڪيا آهن، پي ايس ڊي پي ۽ خرچن ۾ ڪٽوتي ڪئي ويندي، اختيارين ٻڌايو ته آءِ ايما يف ايف جي ايس ٽي 17 کان 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، فلڊ ليوي ۽ بئنڪن جي منافعي تي به ٽيڪس لاڳو ٿيندو، ذريعن دعويٰ ڪئي ته جي ايس ٽي ۽ انڪم ٽيڪس تي ڪجهه ڇوٽ به ختم ڪرڻ تي ڳالهيون هلي رهيون آهن، توانائي شعبي ۾ ٽيڪنيڪي ڳالهيون سومر تائين جاري رهنديون،آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ويو ته گردشي قرض ۾ گهٽتائي لاءِ پاور هولڊنگ ڪمپني کي مارڪ اپ جي ادائيگي ۽ 285 ارب رپين جي گردشي قرض جي ادائيگي لاءِ ري فنانسنگ جي سمري به اي سي سي کي موڪلي وئي آهي جڏهن ته گريڊ 17 کان 22 جي سول سرڪاري ملازمن جا اثاثا ظاهر ڪرڻ جي حوالي سان اڳ ئي رولز جاري ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، حڪومت بجلي ٽيرف ۾ مرحليوار اضافي جي خاطري به ڪرائي ڇڏي آهي، بجلي ٽيرف ۾ مارچ تائين 3 رپيا في يونٽ، مئي تائين وڌيڪ 70 پئسا اضافي جي تجويز آهي، آگسٽ 2023ع تائين بجلي جي قيمت ۾ مرحليوار 6 رپيا في يونٽ اضافو ٿي سگهي ٿو، فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ کان علاوه آءِ ايم ايف بجلي تي سبسڊي ۾ گهتتائي جو مطالبو ڪيو جڏهن ته حڪومت 100 بدران 300 يونٽ تائين سبسڊي جي تجويز ڏني آهي،