اسلام آباد (عبدالله طارق ) تحريڪ انصاف ڪا نظرياتي نه پر ٽوئيٽر پارٽي آهي. جيل ڪير ڀريندو، عمران خان پاڻ ايڏو گرفتاريءَ کان ڊنل آهي جو ڪارڪنن کي رات ڏينهن زمان پارڪ ٻاهران ويهاريو ويٺو آهي. جنهن ۾عورتون به شامل آهن. جيئن پوليس اچي ته عورتون اڳيان اچن ۽ پوليس لٺبازي يا ڳوڙها آڻيندڙ گئس استعمال نه ڪري سگهي. نامياري صحافي موجب جڏهن حڪومت عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته آهي ڪجهه سئو ڪارڪن پوليس کي روڪي نه سگهندا. ان ڪري ٽوئيٽر تي ته لکين گرفتاريون ٿي سگهن ٿيون. عملي طور جيل ڀرڻ وارا ڪارڪن عمران خان وٽ نه آهن.