لوڌران (ويب ڊيسڪ) لوڌران ۾ نوجوان ڪتي ڇتي تي فائرنگ ڪئي پر گوليون لڳڻ سبب سندس چاچو مارجي ويو.
پوليس موجب ڪوٺا اتيرا ۾ نوجوان ڇتي ڪتي تي فائرنگ ڪئي ۽ ڪتي بدران سندس چاچي کي گوليون لڳيون.
پوليس جو چوڻ آهي ته لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال نيو ويو، جڏهن ته نوجوان خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.