پشاور ۾ پوليس احتجاج ڪري رهي آهي، دهشتگردي وارو مسئلو نيٺ حل ڇو نٿو ٿي؟ : محسن داوڙ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايم اين اي محس داوڙ چيو آهي ته اسان رياست طور افغان طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ تي جشن ملهايو.

قومي اسيمبليءَ جي  اجلاس ۾ تقرير ڪندي محسن داوڙ چيو شهادتن جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو آهي، پڇان ٿو ته حڪومتي دعوائن باوجود دهشتگردي جو مسئلو نيٺ حل ڇو نٿو ٿئي؟

هن چيو ته ڪالهه ايوان ۾ چيو ويو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف هتي ايندا، پڇان ٿو اُهي ڪٿي آهن؟

محسن داوڙ جو چوڻ هو ته اڄ پشاور پريس ڪلب آڏو پوليس احتجاج ڪيو، اوهان جي فورس احتجاج تي مجبور ٿي وئي اندازو لڳائي وٺو ته معاملو ڪيترو سنگين آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ تي رياست طور جشن ملهايو، جيڪڏهن اسان سخت فيصلا نه ڪيا ته ان جنگ هيٺان دٻجي وينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.