جيترا چاهيو ٻار پيدا ڪيو، والدين کي اجازت ملي وئي

چيني حڪومت پاران صدين کان  هلندڙ هڪ ٻار جي پاليسي ۾ ڦير ڦار ڪندي سيچوان صوبي جي جوڙن کي هاڻي مرضي موجب ٻار پيدا ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب اِها اجازت گذريل 60 سالن دوران پهريون ڀيرو چين جي آبادي ۾ لاٿ اچڻ جي رپورٽ سامهون اچڻ بعد ڏني وئي آهي.

چين ۾ ٻار پيدا ڪرڻ واري شرح ۾ لاٿ تي ظابطو آڻڻ لاءِ حڪومت طرفان جوڙن تان محدود ٻارن جي پيدائش واري پابندي ختم ڪئي وئي آهي.

ميڊيا رپورٽس موجب هاڻي مُلڪ جي اسي ملين آبادي واري صوبي سيچوان جي ماڻهن مٿان ٻارن جي انگ وڌائڻ  جي ڪائي پابندي نه هوندي.

ان اجازت کانپوءِ شادي شده جوڙن سان گڏوگڏ غيرشادي شده ماڻهو به هاڻي ٻارن جي سارسنڀال ڪري سگهندا، ان کان اڳ اڪيلي ماءُ يا پيءُ کي ٻار جي پروش جي اجازت نه هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.