ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاران ڪرپشن پريسيپشن انڊيڪس 2022ع جي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي.
ٽرانسپيرنسي انٽرنيشل جي رپورٽ موجب دنيا جا پنجانوي سيڪڙو مُلڪ ڪرپشن جي روڪٿام ۾ ناڪام ٿيا آهن ۽ ٻه ڀاڱي ٽي ملڪن ۾ ڪرپشن سنگين مسئلو بڻجي چڪي آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڀارت ۽ بنگلاديش جو سي پي آءِ اسڪور ۾ جيتوڻيڪ ڪو فرق ناهي آيو پر اِهي مُلڪ ڪاري قانون ذريعي اظهار جي آزادي ۽ حڪومت تي تنقيد ڪرڻ وارن کي نشانو بڻائي رهيا آهن.