پرويز الاهي جو فواد جي زال سان رابطو، بيان تي معذرت

لاهور (م ڊ) ق ليگ اڳواڻ ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي فواد چوڌري جي  گهر واريءَ سان معذرت ڪري ورتي.پرويز الاهي پي ٽي آءِ اڳواڻ  فواد چوڌري جي گهر واري حبا چوڌريءَ سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ پنهنجي بيان تي معذرت ڪئي.پرويز الاهي چيو ته فواد چوڌري ارڏو سياستدان ۽ عمران خان جو سچو ساٿي آهي.چوڌري پرويز الاهي جي معذرت تي حبا چوڌري ڏکئي وقت ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي پرويز الاهي جا ٿورا مڃيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.