ايران ۾ آذري سفارتخاني تي حملو، سڪيورٽي چيف مارجي ويو

تهران (م ڊ) ايران جي راڄڌاني تهران ۾ آذربائيجان جي سفارتخاني تي حملي ۾ سڪيورٽي چيف مارجي ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب ڪلاشڪوف بردار شخص تهران ۾آذري سفارتخاني اندر گهڙي آيو عملي تي فائرنگ ڪري ڏنائين، جنهن جي نتيجي ۾ آذري سفارتخاني جو سڪيورٽي چيف مارجي ويو، ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.رپورٽن موجب حملي آور کي سفارتخاني ۾موجود ماڻهن پڪڙي ورتو، جنهن کي پوءِ ايراني پوليس حوالي ڪيو ويو.ان حوالي سان تهران پوليس چيف حسين رحيمي دعويٰ ڪئي آهي ته جوابدار ٻن ننڍن ٻارن سان گڏ سفارتخاني ۾ داخل ٿيو، ڪارڻ امڪاني طور تي ذاتي مسئلو ٿي سگهي ٿو.هوڏانهن آذربائيجان تهران ۾ سفارتي عملي کي واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ واقعي کي دهشتگردي قرار ڏيندي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.