ڊگھڙي(ن ع آ) ڊگهڙي ڀرسان ڳوٺ حاجي نورحسن چانڊيو ۾ گهرن کي باھ وڪوڙي وئي ڏسندي ئي ڏسندي باھ جا شعلا آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا،باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ علي بخش چانڊيو ولد جيئو خان چانڊيو سندس پٽن ڪاشف،محبوب،اشفاق،شمشاد چانڊيو،منظور ولد محمد چانڊيو،نياز محمد ولد راضي چانڊيو سندس پٽن سڄڻ،علي اصغر چانڊيو جي گهرن ۾ پيل کٽون،پيٽيون،هنڌ بسترا،سونا زيور،روڪ رقم،ٿانو،نياڻين جي ڏاج جي سامان سميت لکين روپين جي ماليت جو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو، فائربرگيڊ کي اطلاع ڏيڻ لاء جڏهن ڳوٺاڻا پهتا ته عملو ڊيوٽي تي موجود نه هو جيڪا فائربرگيڊ دير سان پهتي جڏهن ته بدين ضلع کان اطلاع تي پهتل فائربرگيڊ باھ تي ظابطو آندو پر ان کان اڳ ئي باھ الھ تلھ ساڙي رک ڪري ڇڏيو هو، اکين اڳيان پنهنجا اجها سڙندي ڏسي سمورا گهرڀاتي لڙڪ لاڙي ويٺا ته ماحول سوڳوار ٿي ويو، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن جن وسوارن،تعلقي ۽ ضلع انتظاميه کان ٿيل نقصان جو ازالو هرممڪن مدد جي اپيل ڪئي آهي.