ڪراچي ۽ حيدرآباد جا ميئر جيالا هوندا:مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽر) صوبائي صلاحڪار مرتضٰي وهاب چيو آهي ته صوبائي اليڪشن ڪميشن پاران نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي، پهرين مرحلي جي اليڪشن ۾ عوام پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪيو، هاڻي اهو ڪاميابي جو تسلسل حيدرآباد ڊويزن ۽ ڪراچي ڊويزن ۾ پڻ جاري رهيو. سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جا ميئر جيالا هوندا،حيدرآباد ڊويزن ۾ پهريون دفعو واضح برتري ۽ ڪراچي ڊويزن ۾به پيپلز پارٽي کي اڪثريت حاصل ٿي آهي.هن چيو ته جيڪي ماڻهو منفي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، انهن کي ايترو چوندس ته ماڻهن پيپلز پارٽي جي طرف اميد ڏٺي آهي. بلديه ٽائون ۽ ملير ۾ جڏهن اليڪشن ٿي ته عوام پيپلز پارٽي جي حق ۾ فيصلو ڪيو.هن چو ته ڪراچي ۾ پهريون دفعو ٽرانسپورٽ جو مسئلو سنجيدگي سان حل ڪيو پيو وڃي ۽ هي فرضي ناهي بلڪي عملي طور تي نظر اچي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.