تياري ڪريو، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪنداسين: اماراتي صدر خاطري ڪرائي ڇڏي

رحيم يار خان (م ڊ) گڏيل عرب امارات  پاڪستان ۾ وڏي سيڙپڪاري جو اشارو ڏئي ڇڏيو.يو اَي اِي جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان هڪ ڏينهن جي دوري تي رحيم يار خان پهتو، جتي وزيراعظم شهباز شريف چاندنه ايئرپورٽ تي سندس استقبال ڪيو.ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپا وڌائڻ  تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.ذريعن موجب وزيراعظم ۽ اماراتي صدر جي ملاقات برادرااڻي ماحول ۾ ٿي.شيخ محمد بن زيد وزيراعظم شهباز شريف سان محبت جو اظهار ڪيو ۽ وزيراعظم جو هٿ چمي پنهنجي جهاز ۾ وٺي ويو. ذريعن ٻڌايو ته يو اَي اِي صدر وزيراعظم کي پاڪستان ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ جو به اشارو ڏنو.هن جو چوڻ هو ته اوهان تياري ڪريو، يو اَي اِي پاڪستان ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته يو اَي اِي جي صدر  وزيراعظم شهباز شريف کي پنهنجي گهر ڀاتين ۽ ٻارن سان به ملاقات ڪرائي.وزيراعظم يو اَي اِي صدر جي ٻارن سان عربي ۽ انگريزي ۾ ڳالهه ٻول ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.