اين بي پي لمينڊ خلاف ڪاروائي نه ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ اين بي پي فنڊ مئنيجمنٽ لمٽيڊ جي آڊٽ، پرفارمنس ۽ آپريشن جي درخواست ۾ اين بي پي فنڊر مئنيجمنٽ لمٽيڊ آڊيٽر جنرل پاڪستان جي نوٽيس کي چئلينچ ڪيو ويو آهي .عدالت آڊيٽر پاڪستان کي اين بي پي لمينڊ خلاف ڪاروائي کان روڪي ڇڏيو آهي.عدالت ڊي جي ڪمرشل آڊٽ ۽ آڊيٽر جنرل پاڪستان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن..درخواست گذار جي وڪيلن چيو ته 23 نومبر 2022ع کي ڊي جي آڊٽ جي آفيس مان چيو ويو ته ڪجهه ادارن کي آڊٽ ڪرڻ آهي، درخواست گذار ڊي جي آڊٽ جي ماتحت نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.